ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جماعت اسلامي ڀٽائي آباد جي اهتمام هيٺ رفيق النساء سينٽر ۾ هڪ ديني، ادبي ۽ اصلاحي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پروگرام دوران جماعت اسلامي علائقي جوهر جي ناظم انور صالح صاحب رمضان المبارڪ جي حوالي سان قرآن پاڪ جي اهميت، هدايت ۽ عملي زندگيءَ ۾ ان جي ڪردار بابت تفصيلي درس ڏنو، جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو.ان موقعي تي پروگرام ۾ جماعت اسلامي ڀٽائي آباد جو ناظم محمد امين سومرو ۽ اڳوڻو ناظم ڌڻي بخش ڳوٺ برڪت ميراڻي پڻ موجود هئا، جن پروگرام جي ڪامياب انعقاد تي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو.ان کان علاوه مھراڻ اڪيڊمي پاران مولانا ابو الاعلیٰ مودوديؒ جي قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي سميت مختلف ديني ۽ اصلاحي ڪتاب شرڪت ڪندڙن ۾ تحفي طور ورهايا ويا.پروگرام جي آخر ۾ صحافين الطاف سومري آسي ۽ طارق مشتاق کي صحافتي ذميواريون احسن نموني نڀائڻ تي اعزازي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. شرڪت ڪندڙن جماعت اسلامي ڀٽائي آباد جي اهڙن علمي ۽ اصلاحي پروگرامن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو.
0 تبصرے