English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاق جي دشمني بہ سنڌ سان آهي ۽ سنڌ حڪومت جي دشمني بہ سنڌ سان آهي: اياز لطيف پليجو
19 views
|
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو جي راڌڻ ۾ شھرين، واپارين، وڪيلن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال
راڌڻ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو راڌڻ شهر پھتو جتي شھرين، واپارين، وڪيلن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو کيس اجرڪن، ٽوپين ۽ لنگھين جا تعفا ڏنا ويا قومي عوامي تحريڪ راڌڻ پاران پاڻي تي ڌاڙي،ڪارپوريٽ فارمنگ،بدامني لاقانونيت، ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي لٽ مار، غيرقانوني طور ترسيل افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري ، ڪرپشن، سنڌ جي وحدت تي حملي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، ايڊووڪيٽ مير کوسو کوسو،ڪاشف خاصخيلي، ڊاڪٽر عابد جوڻيجو، سومر چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اميرزادي برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻهن ريلوي ڦاٽڪ راڌڻ کان پيادل مارچ ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف علائقن علائقن ناڪام چوڪ مين بس اسٽاپ کان ٿيندو ريلوي اسٽيشن گرائونڊ راڌڻ پھتو جتي جلسہ عام منعقد ڪيو ويو. اياز لطيف پليجي ھزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو تہ وفاق جي دشمني بہ سنڌ سان آهي ۽ سنڌ حڪومت جي دشمني بہ سنڌ سان آهي. جن طاقتن ايم ڪيو ايم ۾ چابي ڀري آ.اھي ڪھڙي بہ عھدي تہ ھجن ڪھڙي بہ طاقت رکندا ھجن ڪھڙو بہ پاور ھجين انهن کي ياد رکڻ گھرجي تہ جنرل ايوب فنا ٿيو ويو سنڌ موجود آھي.ضياء، مشرف سڀ فنا ٿئي ويا پر سنڌ موجود آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ لاءِ اسرائيل آهي ھي سنڌي ماڻھن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھين ٿا.پوليس ذريعي سنڌي ماڻھن کي لاشن جا تحفا ڏئي رھي سنڌ ۾ رڳو لاش ئي لاش هجن پيپلزپارٽي سنڌي ماڻھن کي ھيسائيڻ چاھي ٿي سنڌ جا ماڻهو ڪشتو کڻي پنڻ تي مجبور ٿين سندن غلام ھجن ۽ انڪم سپورٽ ذريعي اڳ ۾ ئي عورتن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سندھ ۾ زراعت، صنعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي چڪا آهن سندھ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ دشمن آهي. ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ حڪومتي نظام ۽ روزگار جو سنگين بحران آهي. ڏوهارين جا مددگار سردار، ۽ سردارن جي مددگار سنڌ حڪومت آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ صوبائي حڪومت سنڌ کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو آهي سندھ جي پاڻي ۽ وسيلن جي حفاظت هر قيمت تي سنڌ جو عوام ڪندو حڪمرانن لاءِ هاڻي عوام، روزگار، زرعي ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن. سنڌ لينڊ مافياز ۽ قبضاگيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سندھ جي هارين ۽ آبادگارن کي طاقت جي ذريعي دٻايو پيو وڃي. حڪومت ۽ اپوزيشن واضع ڪن تہ انهن لاءِ سنڌ موجود آهي يا ناهي؟ سندھ جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار دريا سنڌ تي آهي، سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عورتون، اقليتون ۽ ٻار غير محفوظ آهن. اياز لطيف پليجي بندرگاھ، گئس ۽ پيٽرول ڏيندڙ سنڌ کان پاڻي نہ کسيو سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آهن. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جي شڪايتن کي نٿا ٻڌن. سنڌ جا هاري ۽ مزدور ٻن مانين لاءِ محتاج بڻايا ويا آهن. سنڌ کي بنجر بڻائڻ لاءِ ٻيھر نون ڪينالن ٺاھڻ گڏجاڻيون ٿي رھيون آھن پيپلزپارٽي جا سنڌ اسيمبلي ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آهن؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ روڄ راڙي بدران مقابلو ڪبو، شڪست جي پِٽڪي ڪرڻ بجاءِ فتح ڏانھن مارچ ڪبو پاڻ مان جيڪي صفا ڀوڪ بصر ۽ عقل کان پيدل آھن، سي ڀلي خوش ٿي جھمريون ھڻن ۽ ٽپا ڏين.اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ برباد لڳي پئي آهي، ڪراچي ۾ ٻيهر دهشتگرد تيار ڪري لاٿا ويا آهن، اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل ڏوهن جي قبضي ۾ آهي، وچولي ۽ لاڙ سنڌ ۾ بيروزگاري، پاڻي جي کوٽ ۽ زراعت جي تباهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون وڪامن ٿيون، بدليون پئسن تي ٿين ٿيون، ڪروڙين روپيا ڏيو تہ پبلڪ سروس ڪميشن نوڪري ڏيندي، ڏھ کان ويھ ڪروڙ ڏيو تہ هڪ ضلعي کان ٻي ۾ آفيسر جي بدلي ٿيندي ۽ سڻڀي ۽ ڪمائي واري پوسٽ ملندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ نادرا ۽ روينيو جا ٽڪي جا ڪامورا ۽ آفيسر چند پئسن خاطر ڪوڙا ڊوميسائل ۽ ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺاهي ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي ٺاھي ڏين ٿا. جنهن بہ آفيسر ڪوڙو ڊوميسائل، ڪوڙي پي آر سي، ڪوڙو شناختي ڪارڊ ٺاهيو آهي ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن جو انهي سنڌ جي پيٽ ۾ ڇرو هنيو آهي، ان پنهنجي ماء جي رئي ۾ هٿ وڌو آهي، ان پنهنجي وطن جي زمين جو حصو کپايو آ، هن پنهنجون ريتون، رسمون تهذيب ثقافت ۽ پنج هزار سال جي تاريخ کپائي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ڊيموگارفڪ يلغار ۾ آهي ٻين صوبن، ٻين ملڪن جي ماڻهن جي يلغار ۾ آهي ان يلغار جي خلاف سنڌي ماڻهن کي اٿي کڙو ٿيڻو پوندو۔ ڪراچي جي وارثي وٺڻي پوندي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ سنڌ ٻين وڏهن شهرن ۾ اچو۔ سنڌ جا ماڻهو ڳوٺن ۾ ڇا ويٺا ڪيو،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Feb 2026
•
تازہ ترین
کم عمری کی شادی کے خلاف قانون کو چیلنج کرنے پر شرمیلا فاروقی کا فضل الرحمان کو سزا دینے کا مطالبہ
10th Feb 2026
•
سندھ
سندھ کے سرکاری گرلز کالجوں میں فوٹو گرافی پر پابندی
10th Feb 2026
•
سندھ
میڈیا اداروں کو درپیش مسائل کے حل کے لیے عملی اقدامات کر رہے ہیں: شرجیل میمن
10th Feb 2026
•
تازہ ترین
سہیل آفریدی کے ناقابلِ ضمانت گرفتاری وارنٹ جاری
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم رورل هيلٿ سينٽر ۽ بوائز ھاء اسڪول جنگشاھي جو دورو
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان زخمي
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گڏاپ جا صدين پراڻا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسين جو احتجاج
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشنِ حديد جا عوامي مسئلا سنگين صورتحال اختيار ڪري ويا, سول سوسائٽي تي ٻڌل سيٽيزن فورم پاران سخت ڳڻتيءَ جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وفاق جي دشمني بہ سنڌ
0 تبصرے