نوشهرو فيروز: اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف جي صدارت هيٺ خالي آسامين بابت اجلاس

اڪائونٽس آفيسر سميت محڪمن کي فهرستون ۽ اشتهارن جون ڪاپيون فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم

نوشهرو فيروز: اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف جي صدارت هيٺ خالي آسامين بابت اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ خالي آسامن بابت اهم اجلاس، تصديقي عمل تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت, ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف جي صدارت ۾ اجلاس، اڪائونٽس آفيسر حسن جان چنگيزي سميت محڪمن کي فهرستون ۽ اشتهارن جون ڪاپيون فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد عثمان عارف ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهرو فيروز ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري محڪمن ۾ موجود خالي آسامن بابت ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ضلعي جي سڀني محڪمن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف سڀني محڪمن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي محڪمن ۾ موجود خالي آسامن جون مڪمل فهرستون جلد از جلد ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس نوشهرو فيروز مان تصديق ڪرائين. هن چيو ته تصديق ٿيل فهرستن سان گڏ انهن اخبارن جون ٽي ڪاپيون پڻ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهرو فيروز ۾ جمع ڪرايون وڃن، جن ۾ نوڪرين جا اشتهار شايع ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جن محڪمن اڃان تائين خالي آسامن جي تصديق ۽ گهربل دستاويز جمع ناهن ڪرايا، اهي فوري طور تي اهو عمل مڪمل ڪن، جيئن انهن خالي آسامن کي ڀرڻ لاءِ اڳتي قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي شروع ڪري سگهجي. اسسٽنٽ ڪمشنر اهو به چيو ته جن سرڪاري ادارن نوڪرين جا اشتهار اخبارن ۾ ڏنا آهن، اهي لاڳاپيل اخبارون بنا دير ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائين. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حسن جان چنگيزي اجلاس کي خطاب ڪندي مختلف محڪمن جي آفيسرن کي چيو ته هو تصديقي عمل لاءِ سندن آفيس سان فوري رابطو ڪن، جيئن ڪنهن به قسم جي دير يا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. اجلاس جي آخر ۾ سڀني محڪمن جي آفيسرن ڏنل هدايتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائيندي چيو ته خالي آسامن سان لاڳاپيل سمورا معاملا مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا ويندا.