English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ گوبند مالهيءَ جي 25هين ورسي جي موقعي تي تقريب منعقد
188 views
|
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
دادا گوبند مالهي علم ۽ ادب جي لاٽ ٻاري سنڌيت کي وڏو شعور ڏنو، سندس ڪتاب معاشري جي عڪاسي ڪن ٿا: مقرر
نوشهرو فيروز(ڊ ر)سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهرو فيروز ۽ شاخ بچل مهر پاران سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي باني ۽ نامياري ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس دادا گوبند مالهيءَ جي ياد ۾ گل نڇاور ڪرڻ لاءِ سندس مداح 25 هين ورسي تي گڏ ٿيا ۽ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت سنگت جي بنا مقابلي نئين چونڊيل ضلع رابطہ سيڪريٽري مختيار علي شلھ ”مختيار“ ڪئي ۽ خطاب ڪندي چيو تہ دادا گوبند مالهي علم ۽ ادب جي لاٽ ٻاري سنڌيت کي وڏو شعور ڏنو، سندس ڪتاب معاشري جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ خاص ڪري سندس ناولن جي ڪري ادبي دنيا ۾ وڏو انقلاب آيو. مهمان خاص سنگت ڏيپارجا جي سيڪريٽري محبتي ملاح چيو تہ دادا گوبند مالهي ادب سان گڏوگڏ سياسي ميدان ۾ بہ سرگرم رهيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل رهيو، تہ ليکڪن جي تنظيم جو بہ بنياد وڌائين، گوبند مالهي علم ادب جو وڏو نالو آهي. ايم ظفر تڳر چيو تہ دادا گوبند مالهي 1946ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي رهنمائيءَ ۾ سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد وڌو، جنهن جي سرگرمين ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، ارجن شاد، روشن آرا مغل، سُندري اُتمچنداڻي حصو وٺندا هئا، اڳتي هلي ورهاڱي سبب سرگرميون گهٽيون پر هڪ سنگت ۽ اها سنڌي ادبي سنگت وجود ۾ اچي ويئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهرو فيروز جي سيڪريٽري امجد ميمڻ چيو تہ علم ادب ۽ شعور کي اُجاڳر ڪرڻ ۾ دادا گوبند مالهيءَ جو وڏو نالو آهي، کيس سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ جو بہ اعزاز حاصل آهي. پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر محمد يونس راڄپر چيو تہ گوبند مالهي، سنڌي ادب کي 52 ڪتاب ڏنا ۽ 1935ع کان رسالن ۽ اخبارن ۾ ليک لکڻ شروع ڪيا. ان موقعي تي سنگت شاخ نوان جتوئي جي ڪائونسلر سبحان سوز جتوئي، شاخ هالاڻي جي سيڪريٽري جبار ملاح، شاخ بچل مهر جي سيڪريٽري مير حسن مهر، ليکڪ اعجاز ممنائي، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري علي نواز ”ناز“ سولنگي، شاعر غلام حسن ڪلهوڙو، سنگت شاخ لاکاروڊ جي سيڪريٽري نور محمد ناز، ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن تہ فنڪار سيد اديب شاھ محفل ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز ۾ گوبند مالهيءَ
0 تبصرے