English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ اسٽيم مقابلا ڪرائڻ لاءِ تقريب منعقد
26 views
|
11th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول ميرپورخاص فقير محمد خاصخيلي مھمان خاص طور تي شرڪت ڪئي
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ضلعي تعليم کاتي عمرڪوٽ ۽ ضلعي فوڪل پرسن (اسٽيم) سائيٽس ، ٽيڪنالاجي ، انجنيئرنگ ، ۽ آرٽس مقابلو 2026ع طرفان گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ ۾ شاندار اسٽيم مقابلا ڪرائڻ لاءِ شاندار تقريب گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول ميرپورخاص فقير محمد خاصخيلي مھمان خاص طور تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊئريڪٽر پرائمري اسڪول ميرپورخاص فقير محمد خاصخيلي چيو تہ نوجوانن ۾ تخليقي صلاحيتن، سائنسي سوچ ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ لاءِ STEM & Arts مقابلي جو انعقاد ڪيو پيو وڃي۔ هن مقابلي جو مقصد شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، رياضي ۽ آرٽس جي ميدانن ۾ پنهنجي قابليت ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي۔ ھن چيو تہ ضلعي عمرڪوٽ جي شاگردياڻين ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ آھي سندس صلاحيتن کي تعليم کاتو مڪمل سپورٽ ڪري ٿو اھڙا مقابلا شاگردياڻين جي اعتماد کي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندا. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ھائير سيڪنڊري اسڪول ميرپورخاص ۽ ڊويزنل فوڪل پرسن اسٽيم جميل احمد قريشي ۽ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ مير حسن آريسر چيو تہ اسٽيم مقابلا ڪرائڻ صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ جو منشور آھي، شاگردياڻين پاران زبردست محنت سان پنھنجي ھٿ مختلف پروجيڪٽ ٺاهي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي گذريل پروگرام کان ھن ڀيري وڌيڪ بھتر پروگرام ارينج ڪيو آھي ۽ ايندڙ سال بہ اسٽيم مقابلا پڻ ڪرايا ويندا، ان موقعي تي تقريب ۾ اسٽيم پاران مدثر ء ڪميونيڪيشن اسٽيم ميڊم سارا ۽ ضلعي فوڪل پرسن اسٽيم اشفاق علي جوکيو سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو. شرڪت ڪندڙ شاگردن پاران پنھنجي ھٿ تيار ڪيل مختلف پروجيڪٽ تيار ڪري جن جا ڪلاسن ۾ اسٽال پڻ لڳايا ويا. شاگردن ۾ تحقيق، مسئلا حل ڪرڻ، جديد سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيو پيو وڃي تہ جيئن هو مستقبل جي جديد دنيا ۾ پنهنجو ڪردار بهتر نموني ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي اسٽيم مقابلي ۾ ( Reimagine your Neighborhood) ڪيٽيگري ۾ پھرين پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ حاصل ڪئي، ٻي پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول غزالي ڪنري جڏهن تہ ٽي پوزيشن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول طالب المولا ڪنري ميمڻ حاصل ڪئي. ڊيزائن۽ پلاننگ ( Designs a plays ape) جي ڪيٽيگري ۾ پھرين پوزيشن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول طالب المولا ڪنري ميمڻ حاصل ڪئي، ٻي پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول غريب آباد، جڏهن تہ ٽي پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول نصرت ڪنري حاصل ڪئي. (Reimagine your ride Safe & COMFORTABLE TRANSPORT) ڪيٽيگري ۾ پھرين پوزيشن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول طالب المولا ڪنري حاصل ڪئي، ٻي پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول شادي پلي جڏهن تہ ٽي پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول غريب آباد عمرڪوٽ حاصل ڪئي. ان موقعي تي ( Reimagine your classroom) ٽيچر چيلينج ڪيٽيگري ۾ استادن پاران پھرين پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول شادي پلي، ٻي پوزيشن گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول سامارو ٽائون جڏهن تہ ٽي پوزيشن گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول جاويد ڪنري حاصل ڪئي. ان موقعي تي پوزيشن حاصل ڪندڙن شاگردياڻي ۽ استادن کي انعام ڏنا ويا جنهن ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪندڙن کي 15000، ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙن کي 12000 جڏهن تہ ٽي پوزيشن حاصل ڪندڙن کي 9000 روپيہ انعام طور تي ڏنا ويا ان موقعي تي استادن توڙي شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي تقريب ۾ پروفيسر راجيش ڪمار، پروفيسر اشفاق، پروفيسر جيٺانند مالھي، سماجي تنظيمن ميڊم ڪرن بشير، سريش پرآگاڻي، وڪيل محمد بخش ڪنڀر ۽ سروچند مالھي سميت ٻين پڻ ججز طور تي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون۔ ان موقعي تي تقريب ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي چئني تعلقن جي بوائز ۽ گرلس ھاءِ اسڪول جي شاگردياڻين پرنسپال، استادن، والدين، صحافين سميت شھرين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Feb 2026
•
سندھ
خیرپور: میرواہ کینال پر ہر سال کی طرح اس بار بھی نایاب نسل کے مہمان پرندے اتر آئے
11th Feb 2026
•
سندھ
کندھکوٹ: فاروق ملک کے قتل میں اس کی بیوی ملوث نکلی
11th Feb 2026
•
سندھ
میرپورخاص: ڈاکٹر شاہنواز قتل کیس میں ملزم، سابق ایس ایس پی اسد علی چوہدری کی ضمانت منظور
11th Feb 2026
•
سندھ
نوشهرو فیروز: مجرموں سے روابط کے الزام پر ASI نوکری سے برطرف
11th Feb 2026
•
سندھ
خیرپور: میرواہ کینال پر ہر سال کی طرح اس بار بھی نایاب نسل کے مہمان پرندے اتر آئے
11th Feb 2026
•
سندھ
کندھکوٹ: فاروق ملک کے قتل میں اس کی بیوی ملوث نکلی
11th Feb 2026
•
سندھ
میرپورخاص: ڈاکٹر شاہنواز قتل کیس میں ملزم، سابق ایس ایس پی اسد علی چوہدری کی ضمانت منظور
11th Feb 2026
•
سندھ
نوشهرو فیروز: مجرموں سے روابط کے الزام پر ASI نوکری سے برطرف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ جي گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول
0 تبصرے