English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي ٺٽو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ گڏجاڻي
175 views
|
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ پوليس آفيسرن جي شرڪت، امن امان جي صورتحال بابت غور
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايس ايس پي ٺٽو جي صدارت هيٺ ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ضلعي جي سمورن آفيسرن سان اهم گڏجاڻي ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي نگراني هيٺ ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ضلعي جي سڀني ايس ڊي پي اوز، ايس ايچ اوز، انچارج سي آءِ اي ٺٽو، پوليس پوسٽن جي انچارجن، 15 مددگار بيس ٺٽو ۽ مختلف برانچن جي هيڊز سان اهم ڪرائيم ميٽنگ منعقد ڪئي وئي۔ ميٽنگ دوران ضلعي ۾ مجموعي امن امان جي صورتحال، رپورٽڊ ۽ انرپورٽڊ ڏوهن، پوليس جي ڪارڪردگي ۽ جاري ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ايس ايس پي ٺٽو آءِ جي پي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي حڪمن جي روشني ۾ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ضلعي ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ لسٽ ۾ شامل عادي، اشتهاري ۽ انعام يافته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قدمن ۾ تيزي آندي وڃي۔ هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث اشتهاري، روپوش ۽ گهربل جوابدارن خلاف بنا دير سخت ۽ موثر ڪارروايون ڪيون وڃن ته جيئن قانون جي بالادستي يقيني بڻائي سگهجي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن جو CRO بروقت ڪرايو وڃي۔ ايس ايس پي ٺٽو جرائم پيشه عنصرن خلاف روزاني بنيادن تي سرچنگ ۽ ڪومبنگ آپريشن يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي۔ان کان علاوه اسپيشل برانچ پاران تيار ڪيل منشيات فروشن جي ڪيٽيگري وائز فهرستن (A+, A, B, C) تحت مربوط حڪمت عملي سان ضلعي ۾ ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون، خاص طور تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات فروشن خلاف بنا امتياز سخت ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ هن پوليس پيٽرولنگ ۽ پڪٽنگ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ ڊيوٽي دوران عملي کي هاءِ الرٽ رهڻ جون به هدايتون جاري ڪيون۔ ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀني ٿاڻن ۽ پوليس آفيسن ۾ صفائي، نظم و ضبط ۽ ڊسپلن کي بهتر بڻايو وڃي ۽ ٿاڻن تي ايندڙ سائلين سان سٺي اخلاق سان پيش اچي سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن۔ آخر ۾ ايس ايس پي ٺٽو واضح ڪيو ته بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام ڏنا ويندا، جڏهن ته غفلت يا خراب ڪارڪردگي ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت محکمانه ڪارروائي ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ٺٽو جي صدارت ه
0 تبصرے