ٺٽو: يوسي سونڊا جي سولنگي برادري جي گڏجاڻي

گڏجاڻي ڪينجهر لڳ ڳوٺ حاجي سومار ماڇي ۾ ٿي گذري

ٺٽو: يوسي سونڊا جي سولنگي برادري جي  گڏجاڻي

ٺٽو (شفيق ڀٽي) يوسي سونڊا جي سولنگي برادري جي گڏجاڻي ڪينجهر لڳ ڳوٺ حاجي سومار ماڇي ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ برادرين جي معززين ڀرپور شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ برادري جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۽ برادري ۾ ايڪو ٻڌي ۽ تنظيم سازي ڪرڻ تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. برادري جي گڏجاڻي ۾ برادري جي معززين جو چوڻ هو ته سولنگي برادري ضلعي ٺٽي ۾ وڏي اڪثريت رکي ٿي پر سولنگي برادري کي سياسي توڙي هر سطح تي هٿ وٺي پٺتي ڌڪيو ويو آھي، يوسي کان تعلقي ۽ ضلعي سطح تي برادري ۾ ايڪو ۽ ٻڌي قائم ڪري پنهنجا حق حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رکي ويندي. ان موقعي تي سولنگي برادري جي معززين مير علي سولنگي، محمد جمن سولنگي، سومار ماڇي، علي اڪبر سولنگي، عبداللطيف سولنگي، شريف سولنگي، شبير سولنگي، معشوق علي سولنگي، مڱيلڌو سولنگي، محمد حنيف سولنگي، صحافي عبدالرشيد سولنگي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.