English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ غريب ھندو خاندانن جي 30 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي
144 views
|
15th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، گھوٽن کي تحفا ۽ ڪنوارن کي ڏاج ڏنو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ غريب ھندو خاندانن جي 30 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي، شاندار تقريب ۾ علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، گھوٽن کي تحفا ۽ ڪنوارن کي ڏاج ڏنو ويو، دعائون ۽ آشيرواڌ، ڀرپور خوشي جو اظھار. تفصيل موجب ڪرشنا مندر ڪنري جي هندو ويلفيئر پنچائت طرفان اقليتي برادري جي 30 غريب جوڙن جي اجتماعي شادين جي رنگا رنگ تقريب مقامي شادي حال ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب جي شروعات ھندو ڌرم موجب گائتري منتر ۽ آرتي ڳائي ڪئي وئي. گهوٽ ڄڃون وٺي تقريب ۾َ پهتا. چڃن ۾ عورتون مرد ٻار خوشي ۾ نچندا جهمريون هڻندي پهتا تقريب ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 30 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي. تقريب ۾ گھوٽ ۽ ڪنوارون چونئري ڦيرن جي رسم ادا ڪري شادي جي ٻنڌن ۾ ٻڌجي ويا گھوٽن طرفان ڪنوارن جي مانڳ ۾ سندور ڀري منگل سوتر پارائي زندگي ڀر ساٿ نڀائڻ جا ورچا ورجايا. هندو پنچائت پاران گھوٽن کي تحفا ۽ ڪنوارن کي ڏاج ڏنو ويو. تقريب ۾ پي ٽي آئي منارٽي ونگ جي مرڪزي صدر اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي. ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر. ٽائون چئرمين حاجي شڪيل احمد باجوا. يوسي نبي سر چئرمين حاجي امير حسن خاصخيلي. ميمبر ضلع ڪائونسل سيف علي درس .صدر هندو پنچائت نند لال پريمي چئرمين هندو پنچائت سيٺ سسپال داس . سريش سوني. سيٺ للاچند ڪولهي .ڀارمل مڪواڻو . سونارا ايسوسي ايشن جي صدر سيٺ وشنداس سوني سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان مختلف تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏھن ته مسلمانن پڻ مذهبي رواداري طور شرڪت ڪئي. ان موقع تي گھوٽن ۽ ڪنوارن جو چوڻ ھو ته اسان جي مذھب موجب اسان جي شادي ڪرائي ويئي اسان تمام گھڻا خوش آھيون، اسان جي ڏکين حالتن ۾ اسان جي مدد ڪئي آھي، مھانگائي جي دور ۾ اسان جي شادي ڪرائڻ تي هندو پنچائت جا ٿورائتا آھيون. ھندو پنچائت جي اڳواڻن، سسپال مھيشوري، ڊاڪٽر پرڪاش مھيشوري، سريش سوني، پارس چوون ڪمار، ڀيرو مل، وشنداس سوني ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت غريب خاندانن جي 30 جوڙن جي شادي ڪرائي آھي ڪنوارن کي ڏاج ۽ گھوٽن کي تحفا به ڏنا آھن، شادي ڪندڙ سمورن جوڙن جي عمر 18 سالن کان مٿي آھي ۽ وٽن نادرا جو بي فارم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ موجود آھي. هي ڪم اسان هرسال ڪندا آھيون انسانيت جي خذمت ڪندارهنداسين اجتماعي شادين ۾ شامل گهوٽن ۾ نارو. گلجي .رامون مل. پرڪاش .سترام، گرڌاري. ڪرشن. ڏيسلچند. امرو ۽ ٻيا شامل آھن. ان موقع پي ٽي آئي جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪرشنا مندر وارن هي وڏو ڪم ڪيو آھي غربت ۽ مهانگائي جي دور ۾ اجتماعي شاديون ڪرائڻ سٺو عمل آھي 30 جوڙن جي شادي 30 خاندانن جي خوشي آھي. پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ فلاح جا گهڻا ڪم حڪومت ڪندي آھي ڪميونٽي وارا ۽ سرندي وارا به اهڙا فلاحي ڪم ڪندا آھن. اسان به حڪومت کان هٽي ڪري پنهنجي طور تي مسلمان جوڙن جو اجتماعي شاديون ڪرايون ڏاڍي خوشي ٿي آھي 30 جوڙن جون شاديون ڪرايون آھن. آئون ڪرشنا مندر وارن کي مڀارڪون ڏيان ٿو. شادي وارن جوڙن پاران آندل ڄڃن جي مندر ڪميٽي طرفان دعوت پڻ ڪئي ويئي. ڀنڊارو ڪرايو ويو. پوليس طرفان حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ غريب ھندو خاندانن جي 30 جوڙن
0 تبصرے