English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز قومي شاهراهه جي هلندڙ مرمتي ڪم سبب وڌيڪ هڪ حادثو، 6 ڄڻا اجل جو شڪار
237 views
|
16th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز (ڊ ر)نوشهرو فيروز جي حدن اندر قومي شاهراهه تي هلندڙ مرمتي ڪم وڌيڪ ڇهن گهرن جا ڏيئا وسائي ڇڏيا۔ نانگو شاهه موري اسٽاپ ڀرسان منان پيٽرول پمپ وٽ ٻن ٽريلرن جي ٽڪر ۾ اچي ڪار سوار ڇهه ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا۔ پوليس موجب فوتين ۾ نديم علي سولنگي، غلام رسول سولنگي، عبدالحڪيم سولنگي، بخشل سولنگي، سهراب سولنگي ۽ ڪار ڊرائيور منظور بروهي شامل آهن، جيڪي لاڙڪاڻي ضلعي جي علائقي لالو رائنڪ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪراچي وڃي رهيا هئا۔ قومي شاهراهه تي مرمتي ڪم سبب هڪ طرفي ٽريفڪ هلي رهي هئي، جنهن دوران تيز رفتاري سبب ڪار ٻن ٽريلرن جي وچ ۾ اچي وئي ۽ افسوسناڪ حادثو پيش آيو۔لاشون سول اسپتال نوشهرو فيروز منتقل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته حادثي ۾ ٽريلر جا ڊرائيور به زخمي ٿيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل هيومن رائٽس آبزرور نوشهرو فيروز جي ڪوآرڊينيٽر محمد سليم مغل افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مورو کان ڪوٽڙي محمد ڪبير تائين قومي شاهراهه جي مرمت وارو ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي، جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن۔ هن چيو ته تعميراتي ڪمپني جي نااهلي سبب اهم شاهراهه تي ڪم ۾ دير ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اڄوڪي حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي انصاف لاءِ تعميراتي ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز قومي شاهراهه جي هلندڙ
0 تبصرے