English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ايم نائين موٽر وي تي ۽ بحريه ٽائون ۾ ڌار ڌار حادثا، عورتن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي
164 views
|
17th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
موٽروي تي حادثي ۾ 4 ڄڻا ۽ بحريه ٽائون ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مين موٽر وي حيدرآباد کان ڪراچي روڊ تي ڊي ايڇ اي پل گڏاپ، ضلع ملير ڀرسان برسات سبب پيش آيل ٽريفڪ حادثي ۾ چار ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا۔پوليس موجب برسات دوران روڊ تي ترڪڻ سبب پنج کان ڇهه گاڏيون بي قابو ٿي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويون۔ جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان ٿيو، جڏهن ته زخمين کي فوري طور مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو۔ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔زخمين ۾ انيلا ڌيءُ عبدالرؤف، عمر لڳ ڀڳ 30 کان 32 سال نامعلوم عورت، عمر لڳ ڀڳ 55 کان 60 سال سجاد علي پٽ محمد اسماعيل، عمر 28 سال نامعلوم مرد، عمر لڳ ڀڳ 45 کان 46 سال وڌيڪ 5 کان 10 زخمين کي خانگي اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ حميده زال غلام رسول، عمر 50 سال عبدالهادي پٽ غلام رسول، عمر 4 سال ولي محمد پٽ نور محمد، عمر 47 سال زاهد پٽ عبدالغني، عمر لڳ ڀڳ 24 کان 25 سال ريسڪيو ۽ پوليس عملدارن موقعي تي پهچي امدادي ڪارروايون مڪمل ڪيون ۽ لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته برسات دوران احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ ۽ تيز رفتاري حادثي جا ممڪن سبب ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي۔ ٻئي طرف بحريه ٽائون اندر فارچونر ۽ هائيجيٽ گاڏين وچ ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن۔ پوليس موجب حادثو آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب پيش آيو۔ فوتين ۾ شهزا ۽ فاطمه سيد باقر جعفري شامل آهن، جڏهن ته هڪ فوتي جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔حادثي ۾ صفيان، علي شان ۽ ابراهيم جوکيو زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور ايمبولينس ذريعي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ علائقي ۾ ڪجهه وقت لاءِ ٽرئفڪ جي رواني به متاثر ٿي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ايم نائين موٽر وي
0 تبصرے