English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ور شهر واسڻ عورت جو بااثرن خلاف احتجاج، بااثرن تي تشدد ۽ گهر تي قبضي جو الزام
201 views
|
17th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بااثر گهر جي زمين تي مالڪي جي دعوي ڪري رهيا آهن: مريم ملاح
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ور شهر لڳ ڳوٺ نصير واه جي رهواسڻ مسمات مريم زال عبدالرزاق عرف پپو ملاح، عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانهون ڪندي الزام هنيو آهي ته واپڊا پاور هائوس ور ڀرسان سرڪاري زمين تي سندن چاليهه سالن کان گهر قائم آهي، جتي هو پنهنجي نياڻين سان رهندي اچي رهي هئي. هن الزام هنيو ته ڪجهه مبينا بااثر غير مقامي لينڊ گريبر ماڻهن ساڳي زمين تي مالڪي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جنهن بااثر ليبڊ گريبر علائقي جي بااثر ماڻهن حبيب آگرو، محمدالرحيم آگرو، الهڏنو ڪوڙولائي ۽ اسو ڪوڙولائي سميت ٻين جي مدد سان کيس ۽ سندس نياڻين کي تشدد جو نشانو بڻائي گهر مان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. متاثره عورت موجب، جوابدارن نه صرف کيس گهر کان محروم ڪيو پر گهر جو سامان پڻ کڻي ويا. هن خدشو ظاهر ڪيو ته ساڳيا ماڻهو کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب هو پنهنجي نياڻين سميت دربدر زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. متاثره مسمات مريم اپيل ڪئي جنرل عاصم منير، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ سيد حسين شاه شيرازي سميت سنڌ جي ساڃاهه وندن فوري نوٽيس وٺي کيس انصاف فراهم ڪن. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کيس انصاف نه مليو ته هو پنهنجي نياڻين سميت پاڻ ساڙڻ تي مجبور ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ور شهر واسڻ عورت جو بااثرن خلاف احتجاج،
0 تبصرے