English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: عيدگاه مڪلي ڀرسان 8 پورهيتن جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
190 views
|
18th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مندر وٽ راجپوت برادري جي چوڙيون وڪڻي پورهيتن جي گهرن کي باهه ساڙي رک ڪري ڇڏيو
ٺٽو (رپورٽ شفيق ڀٽي) عيدگاه مڪلي ڀرسان واقع مندر لڳ اقليتي راجپوت برادري سان تعلق رکندڙ چوڙيون وڪڻي گذر سفر ڪندڙ ڪرشن، وشال، وڪاش، ببلو، جرينا سميت ٻين جا لڳ ڀڳ ڇهه کان اٺ گهر اوچتو باهه لڳڻ سبب سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا۔ باهه سبب گهرن ۾ پيل سندن سڄي عمر جي جمع پونجي، هنڌ بسترا، ٿانوَ ۽ روزمره جو سمورو سامان پڻ سڙي تباهه ٿي ويو، جنهن ڪري متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن۔ متاثرن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي، جڏهن ته 1122 جي فائر برگيڊ جي گاڏي پهريان واقعي واري هنڌ تي پهتي۔ علائقي واسين به پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر تيستائين گهڻو نقصان ٿي چڪو هو ۽ سندن سڀ ڪجهه سڙي رک بڻجي ويو۔ متاثر خاندانن صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، رياض شاهه شيرازي، ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سخت سياري جي موسم ۾ سندن ڪو به اجھو باقي ناهي رهيو، تنهن ڪري فوري طور مالي امداد، عارضي رهائش ۽ بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي۔ علائقي ۾ پيش آيل هن افسوسناڪ واقعي سبب اقليتي برادري ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي ۽ سماجي حلقن پڻ متاثرن جي فوري واھر جو مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عيدگاه مڪلي ڀرسان 8 پورهيتن
0 تبصرے