English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رمضان جي آمد سان ملير جي ٻهراڙين ۾ مهانگائي جو طوفان، فروٽ ۽ سبزين جا اگهه ٻيڻا ۽ ٽيڻا
297 views
|
18th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد، ميمڻ ڳوٺ، گهگهر، ابراهيم حيدري ۽ پپري ۾ فروٽ ۽ سبزين جي اگهن ۾ اوچتو ڳاٽي ٽوڙ واڌ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رمضان شريف جي آمد سان ملير جي ٻهراڙين رزاق آباد، ميمڻ ڳوٺ، گهگهر، ابراهيم حيدري ۽ پپري ۾ فروٽ ۽ سبزين جي اگهن ۾ اوچتو ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب پورهيت ۽ غريب طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي شهرين موجب جيڪي ڪيلا ڪجهه ڏينهن اڳ 50 رپيا درزن ملندا هئا، سي هاڻ 250 رپيا درزن تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته 300 رپيا درزن ملندڙ صوف 600 رپين تائين وڪرو ٿي رهيا آهن۔ اهڙي طرح 100 رپيا ملندڙ گدرو 300 رپيا ۽ 100 رپيا ڪلو ملندڙ هنداڻو به 300 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، جنهن سبب پورھيت طبقو سخت پريشان ۾ مبتلا ٿي ويو آھي شهرين اقبال ڪلمتي، مشتاق گبول، نبي بخش شيخ، شيراز گبول ۽ شمشاد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان جهڙي برڪتن واري مهيني کان اڳ ئي واپارين طرفان ناجائز منافع خوري جو بازار گرم ڪيو ويو آهي، پر لاڳاپيل انتظاميا مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اگهن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ضلعي انتظاميا ۽ پرائس ڪنٽرول عملي فوري ڪارروائي نه ڪئي ته مجبور ٿي هو پاڻي تي روزو رکڻ ۽ کولڻ تي مجبور ٿي ويندا، جنهن جي ذميواري انتظاميا تي عائد ٿيندي علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران فروٽ ۽ سبزين جي اگهن تي ڪنٽرول يقيني بڻايو وڃي، پرائس لسٽ تي سختي سان عمل ڪرائي ناجائز منافع خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن غريب ۽ پورهيت طبقو سڪون سان روزا رکي سگهي..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رمضان جي آمد سان ملير جي ٻهراڙين ۾ مهانگائي
0 تبصرے