English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري جي صدارت ھيٺ اجلاس
157 views
|
19th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت ھيٺ ضلعي ۾ جاري پوليو جي فيبروري مهم جي ڪامياب پڄاڻي بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر اعظم کوسو، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ، ڊاڪٽر درگا شنڪر, ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب علي منڱريو، ڊاڪٽر مونيڪا، ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) پوليو پروگرام سان لاڳاپيل آفيسرن، سي ايم او ايم سي عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، ايس ايڇ او عمرڪوٽ سٽي احمد بخش راھمون، ڊپٽي ڊي او تعليم راڻو مل، اطلاعات کاتو، مختلف کاتن جي نمائندن ۽ فيلڊ ٽيمن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران فيبروري پوليو رائونڊ جي ڪارڪردگي، ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ، رهجي ويل ٻارن جي ڪوريج ۽ فيلڊ ۾ پيش آيل مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري خطاب ڪندي چيو ته پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ٻار تائين ويڪسين پهچائڻ ضروري آهي. هن هدايت ڪئي ته رهجي ويل ٻارن کي ٽريڪ ڪري جلد کان جلد ڪوريج مڪمل ڪئي وڃي ۽ ايندڙ مهم لاءِ اڳواٽ بهترمنصوبابندي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته فيبروري مهم دوران ضلعي ۾ وڏي انگ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارايا ويا ۽ ٽيمون گهر گهر وڃي پنهنجي ذميواريون نڀايون. ڪجهه علائقن ۾ رهجي ويل ٻارن جي نشاندهي ڪري ري ڪوريج پلان تي عمل شروع ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون وڌيڪ هدايت ڪئي ته فيلڊ اسٽاف جي حاضري، مانيٽرنگ ۽ سپرويزن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، جڏهن ته والدين ۾ آگاهي مهم کي به تيز ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو ويڪسين کان محروم نه رهي. ان موقعي تي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار ۽ اي پي آئي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر اجلاس پنھنجي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، اجلاس جي آخر ۾ پوليو مهم ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيمن کي ساراهيو ويو ۽ ايندڙ مهم کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاو
0 تبصرے