English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھرڪ ۾ موٽر سائيڪل ريپئرنگ ۽ اسپئرپارٽس جي دڪان کي، لکين رپين جو نقصان
256 views
|
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
شهباز ميربحر جي موٽر سائيڪل ريپئرنگ ۽ اسپيئر پارٽس جي دڪان کي اوچتو باهه لڳي وئي
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي) جھرڪ شهر ۾ گذريل رات لڳ ڀڳ ٻه وڳي شهباز ميربحر جي موٽر سائيڪل ريپئرنگ ۽ اسپيئر پارٽس جي دڪان تي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان اندر موجود سمورو سامان، قيمتي اسپيئر پارٽس ۽ هڪ موٽر سائيڪل مڪمل طور سڙي رک ٿي وئي۔ باهه لڳڻ شرط علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ آس پاس رهندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ تي پهچي ويا۔ مقامي ماڻهن فوري طور پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ڪري باهه تي ضابطو آندو، جنهن سبب ڀرپاسي جي دڪانن ۽ ملڪيتن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو ويو۔ متاثر دڪاندار موجب باهه سبب لڳ ڀڳ ڏهه لک رپين کان وڌيڪ جو مالي نقصان ٿيو آهي، جنهن سان سندس روزگار مڪمل طور متاثر ٿي ويو آهي۔ هن ٻڌايو ته دڪان ۾ موجود سمورو ڪاروباري سامان سڙي وڃڻ سبب هو سخت مالي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ آخري اطلاعن تائين باهه لڳڻ جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته باهه شارٽ سرڪٽ يا ڪنهن ٻئي اوچتي سبب ڪري لڳي هجي۔ واقعي بعد علائقي جي واپاري برادري ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جھرڪ ۾ موٽر سائيڪل ريپئرنگ ۽ اسپئرپارٽس
0 تبصرے