زخمين مان 23ورهين جو مڪان پٽ انور دم ڏئي ڇڏيو، وقاص جي حالت ڳڻتي جوڳي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراھ منزل پمپ اسٽاپ جي وٽ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊن لڳڻ سبب ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن مان هڪ شخص علاج هلندي جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو پوليس مطابق فوتي جي سڃاڻپ مڪان ولد انور، عمر 23 سال طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي شخص وقاص ولد انور، عمر 27 سال آهي. زخمين کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ زخمي سورن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيومقامي ماڻهن موجب، واقعو منزل پمپ اسٽاپ جي ويجهو ٿيو جتي ٻئي ڌريون هڪٻئي سان ڳالهين دوران هٿين پئجي ويون پوليس جا اهلڪار واقعي واري جاءِ تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ زخمين ۽ فوتي جي گهر وارن کان بيان ورتو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے