English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي وارو مامرو، ڪپري ۽ ڪلر ڌر جي 7 ڄڻن جي عبوري ضمانت منظور
191 views
|
25th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عدالت 7جوابدارن جي 30،30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض 5 مارچ تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي تان ڇڪتاڻ ۽ سري عام فائرنگ مامري جو هڪ ڌر جي 8 ڄڻن خلاف فائرنگ، زخمي ۽ جيھڙي جو ڪيس داخل، پوليس هڪ ڄڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو، ستن ڄڻن جي عبوري ضمانت منظور، ڌرين ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جاري، پوليس دڪانن تي پڪٽ قائم ڪري ڇڏي. خبر موجب ڪنري شھر جي عمرڪوٽ بس اسٽاپ تي ٽن دڪانن جي مالڪي جي تڪرار تان پٺاڻ، ڪپري ۽ ڪلر ڌرين ۾ تڪرار نبرجي ناهي سگھيو. پٺاڻ برداري جي نيڪ محمد پٺاڻ جي فرياد تي ڪپري ۽ ڪلر ڌر جي 8 ڄڻن خلاف ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ پير بخش ڪپري، امجد ڪپري، اميد علي ڪپري، الھڏنو ڪلر، بهادر ڪلر، هادي بخش ڪپري، سلميان ڪلر، ظھير ڪپري کي نامزد ڪيو ويو. فريادي نيڪ محمد پٺاڻ موقف اختيار ڪيو ته ڪپري ۽ ڪلر برادري جي ڌر سان دڪانن جي پلاٽ جو تڪرار هلندڙ ھو جنھن تي جوابدار هل هنگامو ڪري سڌي فائرنگ ڪري جيھڙو ڪيو، جوابدارن جي فائرنگ سبب اسان جا 5 ماڻھو زخمي ٿيا آھن، هوڏانھن پوليس ڪيس ۾ هڪ ڄڻي امجد ڪپري جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي جنھن کي 24 ڪلاڪن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو. ايس ايڇ او فرحان ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم جاءِ سرزمين جو جائزو پڻ ورتو، جڏھن ته ڪنري ٿاڻي تي داخل جيھڙي ۽ فائرنگ ڪيس ۾ 7 ڄڻن جي عبوري ضمانت منظور ٿي وئي، انچارج فرسٽ ايڊيشنل سيشن عمرڪوٽ ڪرم دين جوڻيجو جي عدالت ست جوابدارن پير بخش ڪپري، امجد ڪپري، اميد علي ڪپري، الھڏنو ڪلر، بهادر ڪلر، هادي بخش ڪپري، سليمان ڪلر ۽ ظھير ڪپري جي 30 30 هزار مچلڪن عيوض 5 مارچ تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي. نالي واري وڪيل ايڊوڪيٽ ابراهيم ڪنڀار ضمانت واري درخواست جي پيروي ڪئي. ياد رهي ته شھر جي عمرڪوٽ بس اسٽاپ تي لينڊ ڪميشن جي پلاٽ جي مالڪي تان ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ ھو جهيڙو ٿيو جيھڙي سري عام فائرنگ پڻ ٿي هئي. ڪنري پوليس صرف هڪ ڌر جو ڪيس داخل ڪيو مخالف ڌر خلاف ڪابہ ڪاروائي نه ڪئي. ڌرين ۾ تاحال ڇڪتاڻ ۽ تڪرار وارو ماحول برقرار آھي پوليس پاران دڪانن تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي وارو مامرو
ڪپري ۽ ڪلر ڌر جي 7 ڄڻن
0 تبصرے