English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس پاران وڏي تعداد ۾ شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
209 views
|
26th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ڀڳوان داس وٽان 300 کان وڌيڪ شراب جون بوتلون هٿ ڪيون: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير پوليس جي ڪارروائي، ڪلينڪ جي آڙ ۾ شراب وڪرو ڪرڻ جو راز سامهون اچي ويو، ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي طبي ڪلينڪ جي آڙ ۾ مبينا طور شراب وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ جو انڪشاف ڪيو آهي، ايس ايچ او ابراهيم حيدري غوث بخش اعواڻ پوليس ٽيم سان گڏ جمعه ڳوٺ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ ڀڳوان داس جي نالي سان ٿي آهي، پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو ته گلشن عرف ڊاڪٽر گل نالي شخص پاڻ کي ڊاڪٽر ظاهر ڪري طبي ڪلينڪ جي آڙ ۾ غيرقانوني طور شراب وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو هلائي رهيو هو، جوابدار ٻڌايو ته ڄاڻايل شخص حقيقت ۾ ڊاڪٽر ناهي، پر جعلي سڃاڻپ ذريعي شهرين کي دوکو ڏئي رهيو هو ۽ انهيءَ نيٽ ورڪ وسيلي شراب وڪرو ڪئي ويندي هئي، ڪارروائي دوران پوليس گرفتار جوابدار جي قبضي مان 300 کان وڌيڪ شراب جون بوتلون هٿ ڪري ورتيون، جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽر گلشن عرف ڊاڪٽر گل ۽ سني نالي ماڻهو به هن غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سندس خلاف ضابطي موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير پوليس پاران وڏي تعداد ۾ شراب
0 تبصرے