English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نصيرآباد جي مين پرائمري اسڪول مان ٿيل چوري خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
181 views
|
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
شهري اتحاد جي سڏ تي مين اسڪول کان ريلي ڪڍي ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ويو، نعريبازي
نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد جي مين پرائمري اسڪول مان ٿيل چوري اٺ ڏينهن گذرڻ باوجود واپس نه ٿيڻ خلاف شهرين، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. شهري اتحاد نصيرآباد جي سڏ تي مين اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا نصيرآباد ٿاڻي اندر ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري وئي. ڌرڻي ۾ شهر جي سياسي، سماجي ڌرين، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ سينگار نوناري، خدا بخش سانگھرو، زاھد علي تنيو، ياسين علي ڦلپوٽو، ضمير حسين مغيري ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اها انتهائي افسوسناڪ ۽ شرم جهڙي ڳالهه آهي جو اٺ ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس نه چوري واپس ڪرائي سگهي آهي ۽ نه ئي چور گرفتار ٿيا آهن. هنن چيو ته اسڪول مان ٿيل چوري خلاف چوٿون ڀيرو ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ويو آهي، پر ان باوجود ايس ايڇ او موڪل تي روانو آهي ۽ ڪو به ضلعي آفيسر احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي. اڳواڻن الزام لڳايو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن پاران به واقعي جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو. احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته جيسين اسڪول مان ٿيل چوري واپس ڪرائي ۽ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا، تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو. هن سلسلي ۾ شهري اتحاد پاران هنگامي گڏجاڻي پڻ گهرائي وئي آهي، جنهن ۾ ايندڙ احتجاج لاءِ فيصلا ورتا ويندا .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نصيرآباد جي مين پرائمري اسڪول مان
0 تبصرے