English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ هن وقت شديد معاشي، سماجي ۽ انتظامي بحران جو شڪار آهي: عبدالمجيد سمون
232 views
|
22nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي پاران”نظام بدلايو تحريڪ“ جو اعلان
ٺٽو (شفيق ڀٽي)جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي پاران ملڪ گير مهم جي سلسلي ۾ ”نظام بدلايو تحريڪ“ جو باضابطه آغاز ڪيو ويو آهي۔ ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ ھڪ پر ھجوم پريس ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي ضلعوٺٽو عبدالمجيد سمون چيو ته ملڪ هن وقت شديد معاشي، سماجي ۽ انتظامي بحران جو شڪار آهي۔ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته عام ماڻهوءَ جي زندگي زھر بڻجي چڪي آهي۔ هن چيو ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ختم ٿيندي پئي وڃي ڪمزور طبقو ظلم جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آهي۔ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري جماعت اسلامي ضلو ٺٽو عبدالله آدم گندرو چيو ته حڪمران عوامي مسئلن کان مڪمل طور لاتعلق ٿي چڪا آهن، قومي وسيلن جو بي دريغ ۽ غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي۔امير جماعت اسلامي ڪئمپ غلام حيدر شورو ۽ جنرل سيڪريٽري يوٿ مظفر علي خاصخيلي چيو ته جماعت اسلامي سموري ملڪ ۾ هڪ منظم ۽ پرامن تحريڪ وسيلي عوام کي پنهنجن حقن لاءِ بيدار ڪري رهي آهي۔ هنن واضح ڪيو ته هي تحريڪ آئيني ۽ جمهوري دائري ۾ رهندي هلائي ويندي۔پريس ڪانفرنس ۾ سمير ميمڻ سميت جماعت اسلامي جا ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، جن چيو ته حالتن ۾ بهتري نه اچڻ تائين ھن مھم کي جاري رکيو ويندو ۽ عوام کي ڀرپور نموني سان هن جدوجهد ۾ شامل ڪيو ويندو۔آخر ۾ اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ”نظام بدلايو تحريڪ“ وسيلي ملڪ ۾ انصاف، شفافيت ۽ حقيقي عوامي ڀلائيءَ تي ٻڌل نظام قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملڪ هن وقت شديد معاشي، سماجي
جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي
0 تبصرے