English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس جي ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ صادق جيهو تي مبينا چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاج
223 views
|
22nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پوليس اٽالن ڳوٺ تي ڪاهه ڪري 25 کان وڌيڪ مينهون ڪاهي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي: ڳوٺاڻن جو مطالبو
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پوليس جي ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ صادق جيهو تي چڙهائي 25 کان وڌيڪ مينهون پوليس ڪاهي وئي ڳوٺاڻن جو احتجاج مال واپس ڏياري انصاف ڪرڻ جو مطالبو شڪارپور جي ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ کير ٿر ڪئنال سان ڳوٺ صادق جيهو ۾ پوليس جي چڙھائي خلاف ڳوٺاڻن غلام قمبر جيهو ،عجيب جيهو ،غلام محمد جيهو، واجد جيهو ،ياسين جيھو ،دلڻ جيھو ۽ ٻين پاران پوليس جي چڙھائي خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آھي ته اسان ڏوهاري ناهيون ڪجهه سال اڳ برادري جا جهيڙا هئا جنهن کان پوءِ ڪيسن مان آزاد آهيون شڪارپور پوليس بلاجواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جون 25 کان وڌيڪ مينهون ڪاهي ڊاٽسن مزدا گاڏين تي چاڙهي کڻي وئي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس سان ٻٽ ٻڌل ماڻھون سان ھيا جن مينھون ڪاھيون آھن ھنن جو چوڻ ھيو تہ مال کي ڳڙھي ياسين لڳ ڪچي ۾ بروھين وٽ ڇڏيو ويو آھي ڊڪ تي بہ مال کي ناھين رکيو متاثرين جو چوڻ ھيو تہ اسان جو ڪوئي بہ ماڻھون ڏوھاري يار چور ناھين اسان مالوند ماڻھون آھيون لوفرائپ کان پري آھيون ھنن پاران آء جي سنڌ جاويد عالم اوڊو ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان ايس ايڇ او فوجداري اختر ابڙو ۽ ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين ھدايت الله نندواڻي پاران بلاجواز چڙھائي ڪري مينھون ڪاھي وڃڻ سبب گھر ڪئي آھي ته اسان جون کنيل مينهون واپس ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور پوليس جي ڳڙهي ياسين ڀرسان
ڳوٺ صادق جيهو تي مبينا چ
0 تبصرے