English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي دوران ايس ايڇ او لکي غلام شاهه خميسو خان بروهي شهيد، جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي ناصر آفتاب ۽ ٻين جي شرڪت
361 views
|
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ڀرسان سکر شڪارپور انڊس هاء وي رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ ڏوهارين جو روڊ تي رڪاوٽون ڏئي ناڪو,ايندڙ ويندڙ مسافرن کان ڦرلٽ,اطلاع تي پوليس پهتي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو,گولي لڳڻ ڪري ايس ايڇ او ٿاڻو لکي غلام شاھ خميسو خان بروهي زخمي ٿي پيو,کيس فوري طور سکر ريفر ڪيو ويو ضياء الدين اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو,خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات جو 12 وڳي ڌارين لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد سکر شڪارپور انڊس هاء وي رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ رڪاوٽون ڏئي 7 ڏوهارين پاران نوابشاھ کان ڪوئٽا ويندڙ مسافر ڪوچ سوارن کي يرغمال بڻائي کانئن ڦرلٽ ڪئي,روڊ بند هجڻ جي اطلاع تي لاڳاپيل ٿاڻي جو ايس ايڇ او خميسو بروهي نفري سوڌو واقعي واري هنڌ پهتوته جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهنجي نتيجي ۾ گولي لڳڻ ڪري ايس ايڇ او شديد زخمي ٿي پيو جنهن کانپوء جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا,زخمي ايس ايڇ او کي نازڪ حالت ۾ ضياءالدين اسپتال سکر ريفر ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيء حوالي ڪري ڇڏيو,واقعي جي اطلاع تي پوليس جي نفري طلب ڪئي وئي,جنهن جاء واردات تي پهچي جوابدارن جا پيرا کڻي 20ميل ٿاڻي جي حد ۾هنيا جتي پوليس پاران ڪارروائي ڪري مبينا جوابدارن جا گهر ساڙيا ويا,جڏهن ته ڊرون فائرن ۾جتوئين ۽ جوڻيجا برادري جا ٻن نينگرين سميت 6ماڻهو زخمي ٿي پيا,هوڏانهن شهيد ايس ايڇ او جو مڙھ لکي اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوء پوليس هيڊ ڪوارٽر شڪارپور آندو جتي سندس نماز جنازه ادائيگي ڪري سرڪاري اعزاز سان پڻ نوازيو ويو,جنازي نماز ۾ شهيد جي وارثن شهرين ۽سول سوسائٽي سميت ڊي آءجي ناصر آفتاب پٺاڻ,رينجرز جي ڊي ايس آر محمود احمد,ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ,ڊي سي شڪيل ابڙو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي جنازي نماز ۾ ڪوبه چونڊيل نمائندو يا سرڪردو اپوزيشن اڳواڻ شريڪ نه ٿيو,شهيدس جو مڙھ اباڻي قبرستان سلطان ڪوٽ ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو,آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو قاتلن جي گرفتاري لاء پوليس ۽ رينجرز پاران مختلف هنڌن تي آپریشن هلندڙ هو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي دوران ايس
ايس ايڇ او لکي غلام شاهه خميسو خان بروهي
0 تبصرے