English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تنگواڻي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ جساف اڳواڻ کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
29th May 2023
•
سنڌي خبرون
شهري اتحاد جي يوآء جسقم سميت مختلف قومپرستن پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
تنگواڻي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ جساف اڳواڻ سبزعلي باجڪاڻي جي کنڀي گم ڪرڻ خلاف شهري اتحاد جي يوآء جسقم سميت مختلف قومپرستن پاران شهر ۾ ريلي ڪڍي شهر جي گشت بعد ڊي ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ_بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ گاڏيون قطارن جي صورت ۾ بيهجي ويون، اڳواڻن قاري ڪفايت الله کوسو،رحمدل لاشاري،اعجاز ملڪ ۽ ٻين چيو تہ پوليس اغوا،ڦر ۽ قتل وارداتن کي روڪي تہ نہ سگهي،ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل پوليس ڦر واقعي ۾ زخمي ڪيل يار محمّد ملڪ جا جوابدار بااثر هجڻ ڪري ڇڏي ڏنا ۽ احتجاج جي ڏوهہ ۾ قومپرست اڳواڻ سبزعلي باجڪاڻي کي کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، هنن چيو تہ پوليس بااثرن جي بنگلن مان هٿ ڪيل هٿيار ۽ ڏوهارين کي بااثرن جي هڪ ڪال تي ڇڏي ڏنو تہ امن امان ڪيئن قائم ٿيندي هنن چيو تہ ڏوهارين،چورن ۽ بااثرن جي ساٿاري ايس ايڇ او امتياز منگي هٿ سان ڏوهہ ڪرائڻ ۾ ملوث آهي هنن کي خدشو آهي تہ ڪٿي قومپرست اڳواڻ سبزعلي باجڪاڻي کي نقصان نہ پهچائي هنن اعلىٰ اختياررن کان گهر ڪئي تہ يار محمّد ملڪ جي ڦر واقعي ۾ ملوث بااثر ذولفقار بجاراڻي ۽ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري جلد قومپرست اڳواڻ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
تنگواڻي
جساف
بدامني
ريلي
جسقم
ڌرڻو
0 تبصرے