English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي جنھن انداز سان قتل ڪيو ويو آھي، اھو انتھائي سفاڪانہ آھي: اياز لطيف پليجو
251 views
|
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي جنھن انداز سان قتل ڪيو ويو آھي، اھو انتھائي سفاڪانہ آھي. ڳلو ڪپي مرڻينگ ڪيل نوجوان جي مرڪ ھن سموري کوکلي نظام تي کلي رھي آھي. ھن نظام ۾ ڪير به محفوظ ناھي. ڪنھن جي بہ جان ۽ عزت جي تحفظ ناھي. سڄي سنڌ بدامني جي باھ ۾ سڙي رھي آھي. اڌ سنڌ ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھي. باقي سنڌ ڏوھارين جي گھيري ۾ آھي. منشيات کي سنڌ جو اڏو بنايو ويو آھي. باقي صوبا ائين منشيات فروشن وٽ يرغمال ناھن، جيئن سنڌ ۾ بي خوف ٿي منشيات جو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھٿ وٺي سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آھي. ڪجھ ڏينھن عمرڪوٽ جي نوجوان جو سفاڪانہ قتل سوشل ميڊيا جو موضوع رھندو ان کانپوءِ وري ڪو ٻيو نئون سانحو زينت بنجي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ المناڪ سانحن جو ديس بنايو ويو آھي. وفاق ۽ سنڌ حڪومت تباھي جا ذميوار آھن. حڪمرانن جي ايجنڊا تي صرف ڪرپشن آھي. انھن کي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجھ به ياد ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته مھانگائي غريب عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. زرعي تباھي آبادگارن ء ھارين کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جي ڪينسر سڄي سماج کي وڪوڙي ورتو آھي. پيپلز پارٽي 18 سالن ۾ کوکلي نعرن ۽ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ سنڌ کي ڪجھ ناھي ڏنو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ڀرسان باھ متاثر خاندانن جي مالي سهائتا
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، ھڪ ڄڻو گرفتار، چرس هٿ
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي جنھن انداز سان قتل
0 تبصرے