English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ فضل عمر انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي وئي
234 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٽورنامينٽ جا ڪوارٽر فائينل ۽ سيمي فائينل اڄ ۽ فائينل ميچ سڀاڻي خميس ڏينھن ٿيند
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ فضل عمر انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو آغاز ٿي ويو، رحمت ڪالوني گرائونڊ ۾ شروع ٿيل ٽورنامينٽ ٽن ڏينھن تائين جاري رهندو، ٽورنامينٽ جي پھرين ڏينھن تي 6 ميچ کيڏيا ويا، پھريون ميچ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڍڊرو ۽ گورنمينٽ طالب الموليٰ ھاءِ اسڪول ۾ ٿيو، ڍڊرو اليون جي ٽيم مقرر 6 اوورن 62 اسڪور ڪيو جيڪو طالب الموليٰ جي ٽيم 5 وڪيٽن تان کٽي ورتو، ٻي ميچ ۾ سڄڻ خان چانڊيو جي ٽيم 86 اسڪور ڪيو جيڪو گورنمينٽ قاضي سلطان هائير سيڪنڊري جي ٽيم 9 وڪيٽن تان کٽيو. ٽين ميچ ۾ گورنمينٽ فضل عمر هائير سيڪنڊري جي ٽيم 123 اسڪور ٺاهيا سندس مقابلي ۾ دي ويزن ٻسٽان جي ٽيم 78 اسڪور ٺاهي هارائي وئي. چوٿين ميچ ۾ هاءِ اسڪول رسول آباد جي ٽيم 78 اسڪور ٺاهيا جيڪو گورنمينٽ بوائز اسڪول ٻسٽان جي ٽيم 6 وڪيٽن تان کٽي ورتو، اھڙي ريت ٽورنامينٽ جو پنجين ميچ ۾ ليجنڊ پبلڪ اسڪول جي ٽيم 42 اسڪور ٺاهيو جيڪو خالد بين وليد اسڪول جي ٽيم 9 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن ته ڇھين ميچ ۾ هاءِ اسڪول ڏامون مل ميگھواڙ 37 اسڪور ٺاهيا جواب ۾ فائيو اسٽار اسڪول ٽن اوورن ۾ اسڪور مڪمل ڪري 8 وڪيٽن تائين ميڇ کٽي ورتو. ان موقعي تي مختلف اسڪولن جا پرنسپالز ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو، جڏھن ته اڄ ٽورنامينٽ جا ڪوارٽر فائينل ۽ سيمي فائينل ٿيندا ۽ فائينل ميچ سڀاڻي خميس ڏينھن ٿيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
ڪنري ۾ فضل عمر انٽر اسڪول ڪرڪيٽ
0 تبصرے