English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽالهي ۾ حددخلين ۽ قبضن خلاف ڪارروائي، ڪيترائي ڪچا ۽ پڪا دڪان توڙي ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا
267 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٽالهي (رپورٽر) ٽالهي ۾ ميرپورخاص ريلوي انتظاميا جي حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪيترائي پڪا ڪچا دڪان توڙي ڇپرا ڊاهي پٽ بنا ڪنهن نوٽيس تي ڪارروائي ڪري اسان جو لکين رپين جو نقصان ڪيو ويو، شهرين جو الزام اڳواٽ نوٽيس ڏنو ويو هو حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي آھي، ريلوي عملدار شاهد حسين ٻگهيون : خبر موجب ٽالهي ۾ ريلوي جي سرڪاري پلاٽن تي مبينا ٿيل قبضن حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ڪارروائي ريلوي عملدار شاهد حسين ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي ڪارروائي دوران ريلوي جي سرڪاري زمين تان هائي وي مشين ذريعي ڪيترا پڪا دڪان توڙي ڪچا دڪان ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا، انهي سلسلي ۾ ريلوي عملدار شاهد حسين ٻگهيو جو چوڻ هو ته ريلوي جي سرڪاري پلاٽن تي ٿيل غيرقانوني اڏواتن حد دخلين خلاف هي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ريلوي جي سرڪاري زمين تي ٿيل غيرقانوني جيڪي اڏاوتون ڪيون ويون آهن هنن کي ڊاهيو پيو وڃي ريلوي جي سرڪاري زمين ريلوي لائين کان 250 فٽن تائين آهي جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ هتي ويٺلن کي نوٽيس پڻ ڏنا ويا هئا ۽ اڄ هي ڪارروائي ڪئي پي وڃي، هوڏانهن شهرين الزام هڻندي چيو ته بنا ڪنهن نوٽيس جي ڪارروائي ڪئي وئي آهي اسان جي دڪانن ڪبينن ۾ لکين رپين جو سامان پيل هيو جيڪو خراب ٿي ويو آهي ۽ اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي هوڏانهن ڪارروائي دوران ريلوي پوليس جي عملدارن سوڌو ٽالهي نبي سر پوليس سميت روينيو عملدار ساڻ هئا،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽالهي ۾ حددخلين ۽ قبضن خلاف ڪارروائي
0 تبصرے