English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ويجھو ڳوٺ سيد اڀريو شاھ واسين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو
236 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
يعقوب پنھور، انثار پنھور، جاڙو، صدام، عبدالحميد پنھور، مجاھد، اصغر، غلام قادر ۽ ٻين احتجاج ڪيو
مورو (جاني جماڻي) مورو ويجھو ڳوٺ سيد اڀريو شاھ جي رھواسين پنھور برادريءَ جي ماڻھن پوليس جي ناانصافين ۽ گھرن تي چڙھائي ڪري نوجوان کنڀي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي يعقوب پنھور، انثار پنھور، جاڙو، صدام، عبدالحميد پنھور، مجاھد، اصغر، غلام قادر، رحيم، سڪندر، شاھد، فدا پنھور ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. جتي ھنن چيو ته ھڪ ھفتو اڳ اسان جي گھر تي پوليس چڙھائي ڪئي جنھن جي سيشن ڪورٽ ۾ 22 اي بي داخل ڪئي ته پوليس مڇرجي اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪئي ۽ چار نوجوان کنڀي کڻي وئي جن مان ھڪ کي آزاد ڪيو ويو باقي ٽن مان ٻن ڄڻن خادم حسين ۽ انيس پنھور سميت 7 ڄڻن تي پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھڪ اياز پنھور کي گم ڪيو ويو آھي جيڪو ھن وقت تائين ظاھر ناھي ڪيو ويو. اسان جا نوجوان ڊاڪٽرن وٽ ڊسپينسر آھن ۽ پوليس جو چوڻ آھي ته توھان داخل ڪيل سيشن ڪورٽ ۾ 22 اي بي تان ھٿ کڻو ٻي صورت توھان جي نوجوان کي ھاف يا ڦل فرائي ڪيو ويندو. ھنن الزام ھڻندي چيو ته نوان جتوئي پوليس ايس ايڇ او جميل سولنگي، پوليس اھلڪار سيد عليم شاھ، علي گل لنجار، اي ايس آء غلام حيدر مشوري گھرن تي چڙھائي ڪري چادر چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪيو آھي ۽ اسان جي عورتن تي تشدد ڪيو ويو گرفتاري دوران اسان گرفتاري وارنٽ جي گھر ڪئي پر نه ڏيکاريو ويو ۽ بغير ليڊيز پوليس جي چڙھائي ڪئي وئي آھي گھر مان موٽرسائيڪل پڻ ڪاھي ويا آھن. ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين پورھيت ھاري آھيون ھر ايندڙ ڏينھن تي پوليس اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري ٿي جيڪو سراسر ناانصافي ظلم آھي. ھنن گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آء جي سنڌ پوليس، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز، اي ايس پي مورو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو ويجھو ڳوٺ سيد اڀريو شاھ واسي
0 تبصرے