English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ويجهو نوان جتوئي واسين جو پوليس خلاف احتجاج
299 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مورو(جاني جماڻي) مورو ويجھو نوان جتوئي جي رهواسي محبوب علي کوسو علي انور کوسو، عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏ مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي ھنن چيو ته اسان جي چاچي کي 4 مهينا اڳ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو جنھن جو ڪيس نوان جتوئي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايل آھي. گذريل ڏينھن ملوث جوابدارن گھرن تي حملو ڪري ھٿيارن جي زور تي عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو آھي ھنن الزام ھڻندي چيو ته حملو ڪندڙ نثار کوسو، منٺار کوسو، لونگ کوسو، اعجاز کوسو، آصف کوسو، سڪندر کوسو هٿيار جي زور تي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ چيو ته خون جي ڪيس تان هٿ ڪڻو نه ته توهان کي به ماري ڇڏينداسين.هن واقعي کانپوءِ متاثرين نثار منٺار ۽ لونگ اعجاز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ نوان جتوئي جي ايس ايڇ او جميل سولنگي وٽ وياسين پر ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.احتجاج ڪندڙ عورت نصيبان، عزيزان، مسمات پٺاڻي روئيندي ٻڌايو ته اسان جي ڀائرن محبوب علي، انور علي کوسو ۽ اسان سان جيڪو ڪجھ ٿيو آهي، اهو نثار کوسو، منٺار کوسو، لونگ کوسو ذميوار آهي.مظاھرين ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو ۽ اي ايس پي مورو محمد آصف کرل کي اپيل ٿا ڪيون ته مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو ويجهو نوان جتوئي واسين
0 تبصرے