English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد جي ايگروٽيڪنيڪل اسڪول ۾ سائنسي ميلو منعقد
297 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين پاران ماڊلز پيش ڪيا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد ۾ قائم ايگرو ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ ملير ضلعي جي مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين طرفان هڪ ڏينهن وارو سائنسي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ سائنس ۽ آرٽ تي ٻڌل جديد ۽ تخليقي پروجيڪٽس پيش ڪري حاضرين کان خوب داد حاصل ڪئي سائنسي ميلي ۾ گورنمينٽ اسڪول يوسف ڳوٺ، درساڻو ڇنو، ايئرپورٽ، ڀٽائي آباد، ناٿو کوسو، ابراهيم حيدري، عمار ياسر، اعظم آباد، غريب آباد،فيڊرل انگلش، برو وليج سميت ٻين سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪندي مختلف سائنسي ماڊلز، ايجادن ۽ آرٽ ورڪ جي نمائش ڪئي. مقابلن دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردياڻين پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪري اعزازي شليڊون حاصل ڪيون ان موقعي تي پيپلز پارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، ٽائون ابراهيم حيدري جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو، ڊي اي او ملير اقبال ميمڻ، ايگرو ٽيڪنيڪل اسڪول جي هيڊ ماستر شفقت حاجاڻو سميت مختلف اسڪولن جا استاد ۽ تعليمي عملدار وڏي تعداد ۾ موجود هئا جن شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين ۾ قابليت جي ڪا کوٽ ناهي، ضرورت صرف مناسب موقعا ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي آهي هنن چيو ته اهڙا سائنسي ميلا شاگردياڻين ۾ تحقيق، تخليق ۽ نون خيالن کي هٿي ڏين ٿا، جيڪي مستقبل ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن اڳواڻن تعليم کاتي تي زور ڏنو ته سرڪاري اسڪولن ۾ جديد سائنسي ليبارٽريون، تربيت يافته استاد ۽ وسيلن ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن ڳوٺاڻن ۽ پوئتي پيل علائقن جي شاگردياڻيون به خانگي اسڪولن جي برابر اڳتي وڌي سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: رزاق آباد جي ايگروٽيڪنيڪل
0 تبصرے