English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ جنرل ٽيسٽ ۾ ڪامياب شاگردن جي مان ۾ تقريب
204 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان گڏوگڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام پڻ ڏنا ويا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي بوائز هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ جنرل ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيل هُنر مند شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڪامياب شاگردن کي شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان گڏوگڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي خاص انعام پڻ ڏنا ويا، تقريب جو انتظام اسڪول انتظاميه پاران شاگردن جي حوصلا افزائي ۽ مستقبل ۾ تعليمي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو، تقريب ۾ استادن، والدين ۽ اسڪول جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ڪامياب شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، تقريب ۾ خطاب ڪندي مقررين چيو ته شاگرد اسانجو مستقبل ۽ سرمايو آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ غريب شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ اهڙا پروگرام شاگردن جي اعتماد ۾ اضافو ڪن ٿا ۽ انهن کي يونيورسٽي داخلا ٽيسٽ ۾ پڻ مدد ڏين ٿا، مقررين زور ڏنو ته ٻارن جي حوصلا افزائي ۽ تعليمي مدد اسان سڀني جي ذميواري آهي ته جيئن اهي ڪامياب ۽ خودمختيار شهري بڻجي سگهن، پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد ڀورو ولد همير، ڪنجي ولد ونجهو، ڌنيش آچار، نوالدين ولد مولا بخش، هريش ولد ڀوپو، سجاد حسين ولد محمد، هيمن ولد رائچند، ساحل ولد ليمچند ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي انعام ڏنا ويا، تقريب ۾ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر (اليمنٽري ۽ سيڪنڊري) مير حسن آريسر، ٽي اي او غلام مرتضيٰ سهتو، اي اي او شاملال، پروفيسر عبدالرؤف سومرو (پرنسپل گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج)، ڊاڪٽر رامچند جاتيا، هيڊ ماسٽر رام سنگھ، کيت پال شرما (ايڇ ايس ٽي)، خالد خاصخيلي (هيڊ ماسٽر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 2) ۽ بوائز هاءِ اسڪول غريب آباد جو مڪمل اسٽاف موجود هو، تقريب جي آخر ۾ شاگردن شيلڊون ۽ انعام وصول ڪيا ۽ مستقبل ۾ اعليٰ ڪارڪردگي لاءِ پرعزم ٿيڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ جنرل ٽيسٽ
تقريب ۾ استادن، والدين ۽ اسڪول جي شاگردن پڻ شرڪت
0 تبصرے