English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
راڻا جاگير ۾ آمريڪي وفد جو دورو، آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر جي آمد، شاندار آجيان
404 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ اڳواڻ راڻا همير سنگهه سوڍا، ٺاڪُر راجوير سنگهه سوڍا، ايم اين اي شازيه مري ۽ ٻين آمريڪي سفير جي آجيان ڪئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) آمريڪا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سميت آمريڪي سفير محترمه نيٽلي بيڪر راڻا جاگير، ضلعي عمرڪوٽ جو دورو ڪيو، جتي سندن شاندار ۽ پرجوش آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راڻا همير سنگهه سوڍا، سنڌ جي وڏي وزير جا خصوصي معاون ٺاڪُر راجوير سنگهه سوڍا، ڪنور ڪرني سنگهه سوڍا، ٺاڪُر ڀوپال سنگهه سوڍا (يو ايس اي) ايم اين اي شازيه مري، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ حاجي سيف الله خالد سراج سومرو سميت ٻين معزز شخصيتن سفير ۽ وفد جو استقبال ڪيو، دوري دوران آمريڪي وفد علائقي جي سماجي، تعليمي ۽ ترقياتي حالتن بابت آگاهي حاصل ڪئي ۽ مقامي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، سفير نيٽلي بيڪر پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪَ مضبوط ڪرڻ، تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو، مقامي اڳواڻن وفد کي ضلعي عمرڪوٽ جي مسئلن، عوامي ضرورتن ۽ ترقياتي امڪانن بابت آگاهه ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا مستقبل ۾ هتي وڌيڪَ سهڪار ڪندو، دوري جي آخر ۾ ٻنهي طرفن طرفان گڏيل تعاون، دوستاڻن لاڳاپن ۽ علائقي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي پي اي راڻا ھمير سنگھ ڪنول موھن لال، ۽ انجنيئر ڪنهيا موھن لال پڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
راڻا جاگير ۾ آمريڪي وفد جو دورو
ڀ
آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر جي آمد، شاندار آجيان
0 تبصرے