English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن، پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
403 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي حڪومت پاران ٻيهر تڪراري سنڌ دشمن ڪئنالن جي اڏاوت ۽ چناب تي ٽن ڊيمن جي غير قانوني پي سي ٽو تيار ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آھي. حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن. انڊس رور سسٽم تي ڪو بہ نئون ڪئنال يا ڊيم قبول نه ڪيو ويندو. پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. ڪوٽڙي کان ھيٺ واري پئي اڏامي. پاڻي نہ ملڻ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن. آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي فصل ٿين ٿا انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، نقلي ٻج، نقلي زرعي دوائون ۽ نقلي ٻج جي ڪري آبادگارن جو وڏو نقصان ٿي رھيو آھي. سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت وٽ سنڌ جي زرعي معيشت جي بحالي لاءِ ڪو بہ منصوبو ناھي. حڪومت جون پاليسيون سنڌ جي لاء زراعت دشمن آھن. زرعي بدحالي جي ڪري سنڌ ۾ وڏي پئماني تي غربت، بدحالي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن نوان ڊيم ۽ تڪراري نوان ڪئنال ٺهيا تہ سنڌ بنجر ۽ بک بنجي ويندي. نوان ڊيم ۽ نوان ڪئنال سنڌ لاءِ موت جا منصوبا آھن. جنھنڪري ڪنھن بہ ريت ڊيم ۽ ڪئنال منصوبا ٺھڻ نہ ڏينداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے