English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
هڱورجا ھائير سيڪنڊري اسڪول مان 1996 ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن پاران عيد ملن پارٽي منعقد
149 views
|
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
1996ع م مئٽرڪ پاس ڪندڙ شاگردن پاران پنهنجي استادن ۽ ڪلاس فيلوز جي مان ۾ عيد ملن پارٽي منعقد ڪئي وئي
هڱورجا (رپورٽر) هڱورجا جي ڳوٺ سائينداد سھتو ۾ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول هڱورجا مان 1996 ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن پنھنجي استادن ، ڪلاس فيلوشپ جي مان ۾ عيد ملن پارٽيء منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ استادن ۽ 1996 ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ شاگردن اڄ جي آفيسرن ڊاڪٽرن ، ڪاروبار شخصيتن ، گورنمنٽ ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، ميڙاڪي ۾ قابل احترام استادن سائين گل بيگ سولنگي، اڳوڻو ڊي اي او نوشھرو فيروز ۽ موجوده پرنسيپال مظھر مسلم ھائير سيڪنڊري اسڪول مشھور تعليمي ماھر ۽ ايڊمنسٽريٽر استاد نثار احمد ميمڻ، اڳوڻو ڊي اي او استاد عبدالسميع ڀنڀرو ، استاد غلام عباس منگي، استاد ڪريم بخش ٽانوري، استاد امداد حسين سومرو،پروفيسر نذير احمد ڀنڀرو ، استاد نياز حسين سھتو، استاد محمد صيفل سولنگي، استاد محمد سليمان ميمڻ ، استاد مولوي علي ڏنو سولنگي، استاد محمد صالح سولنگي، استاد قام حسين واٽيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي استادن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته پنھنجي شاگردن جي اھڙي حوصلا افزائي ڏسي دل خوشي ٿي آھي جن اسان رٽائرڊ استادن کي مان ۽ مرتبو بخشيو آھي شاگردن جي قربائتي ڪوٺ کي انتھائي عزت جي نگاھ سان ڏسون ٿا، ھنن چيو ته جيڪڏھن اسان جي معاشري ۾ ائين ھڪ ٻئي کي عزت ڏني وڃي ، نفرتون ھميشہ لاء دفن ٿي وينديون ھنن چيو ته جيڪڏھن محبتون ھونديون اھي وطن جي مان ۽ مرتبي لاء به بھتر آھن ، اڄ اسان سمجھون ٿا ته اسان جا شاگرد ڪنھن منزل تي پھچي ڪري بھتر سوشل ازم جو به بھتر ڪم سر انجام ڏئي رھيا آھن ھنن چيو ته ھن گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جتي تعليم يافتہ ماڻھن جو گڏجڻ اوھان اسان جي وڏي ڪاميابي آھي ، ھنن چيو ته پروردگار اوھان جي مال ، ملڪيت ، عزت ۽ عھدن ۾ بي حساب ترقيون عطا ڪري ، پيارن شاگردن ايتري ته عزت بخشي آهي جو جنھن جو لفظن ۾ شڪريو ادا ڪرڻ ممڪن ناھي ، پروگرام جا آرگنائيزرن شعبان علي وساڻ ، سائين ڏنو سھتو ۽ ٻين پاران استادن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ان موقعي تي پروگرام جي آرگنائيزرن شعبان علي وساڻ ، سائين ڏنو سھتو ، نور محمد تنيو ، مولوي نعمت مڱڻيجو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان اڄ جيڪو ڪجھ آھيون پنھنجي عظيم استادن ڪري آھيون جن جي تعليمي خدمتن کي اسان وساري نه ٿا سگھون ، ھنن چيو اھڙا پروگرام ھميشہ ڪندا رهنداسين ۽ اڄ کان ھن ڪلاس فيلوشپ کي 96 تنظيم سان نالو ڏنو وڃي ٿو ، مستقبل ۾ پنھنجي مانائتن استادن کي تنظيم 96 پاران بھترين شيلڊون ڏنيون وينديون تقريب ۾ ڊاڪٽر فياض سولنگي ، ثناء الله ميمڻ صاحب، محمد اسلم منگي، عبدالغفار ميمڻ، غلام اڪبر ميمڻ، طالب حسين چانگ، لياقت علي چانگ، رٽائير حوالدار فھيم حسين پليجو مسرت دايو ۽ ٻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هڱورجا ھائير سيڪنڊري اسڪول مان
0 تبصرے