ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري چيو آھي تہ سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ترجيحي بنيادن تي ترقياتي ڪم ٿي رھيا آھن آمريڪا اسرائيل جي ايران سان جنگ جا اثرات سموري خطي تي پئجي رھيا آھن جنھن سان مھانگائي وڌي آھي . ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ سمون خان چنو ۾ ايڊووڪيٽ مجاھد چنو پاران ڏنل عيد ملن پارٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر پيرسيد ڪاظم علي شاه لڪياري وڌيڪ چيو آھي تہ ھنڱورجا. رسول آباد سميت علائقي جا مسئلا جلد حل ڪرايا ويندا.ھن چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ سموري بحرانن مان ڪڍي سگھي ٿو ايندڙ وقت جو نوجوان وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.ھن وڌيڪ چيو تہ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتون ۾ واڌ سان ملڪ ۾ مھانگائي اڃان بہ وڌندي .تقريب ۾ پ پ پ اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري . ٽائون چيئرمين سيد عباس علي شاھ لڪياري وڏيرو مٺل خان سھتو . اڳوڻو ڊي اي او تعليم عبدالسميع ڀنڀرو.صحافي اتحاد خيرپور جو چيئرمين غلام حسين چانگ شمن راڄپر.ايس ڊي او تعليم عبدالقادر ڀٽي . غلام عباس راڄپر . عبدالقادر سومرو . آصف سومرو بختيار چنو . ايڊووڪيٽ الاھي بخش سھتو .سليمان خان ڏاھري ايڊووڪيٽ ارشد ڀٽو. آفتاب ڀنڀرو . وزير ڀٽو سميت علائقي جي معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي . تقريب ۾ ايڊووڪيٽ مجاھد چنو محمد نواز چنو مزمل نواز چنو پاران مھمانن کي اجرڪن ۽ لنگين جا تحفا پيش ڪيا.
0 تبصرے