ڊي سي ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ۽ اي سي آفيس ۽ مختيارڪار آفيس جو معائنو به ڪيو
ٺٽو (شفيق ڀٽي)صوبائي وزير علي حسن زرداري جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت تعلقه گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي هن مختلف جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر نئين تعمير هيٺ ايندڙ اي سي آفيس ۽ مختيارڪار آفيس جو معائنو ڪيو ۽ ڪم جي معيار ۽ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته ترقياتي ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن. ان کان علاوه، ڊپٽي ڪمشنر تعلقه اسپتال گهوڙاٻاري جو پڻ دورو ڪيو، گهوڙاٻاري ٽائون طرفان لڳايل صاف پاڻي جي فلٽر پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو ويو، جتي عوام کي مهيا ڪيل صاف پاڻي جي فراهمي بابت ڄاڻ ورتي وئي. ان موقعي تي چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي مختلف ترقياتي اسڪيمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت نادرا سينٽر ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) سينٽر جو پڻ دورو ڪيو، جتي عوام کي مهيا ڪيل خدمتن جو جائزو ورتو ويو ۽ لاڳاپيل عملي کي بهتر ڪارڪردگي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون.
0 تبصرے