ڏوڪري پوليس پاران مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڏوڪري پوليس پاران مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڏوڪري (رپورتر) ڏوڪري تعلقي جي سيھڙ ٿاڻي جي پوليس ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي حڪم تي مختلف ڏوھن ۾ گھربل جوابدار غلام نبي ولد محمد صالح پنهور کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار سيھڙ ٿاڻي تي گناھ نمبر 05/2026 قلم 302، 109، 34 پي پي سي تحت گهربل هو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ايس ايڇ او سيهڙ ذوالفقار ڳاھيچو ٻڌايو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي ھدايت تي ڏوھارين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ھر صورت ۾ يوسي سيھڙ جي شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو ويندو.