English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ضلعي ملير ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جا مبينا اغوا، علائقي واسي خوف ۾ مبتلا
6 views
|
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ سال 2026 دوران عورتن ۽ ننڍي عمر جي نياڻين خلاف وڌندڙ ڏوهن سبب شهريم سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي، پوليس ٿاڻن جي عدم دلچسپي ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي۔سامهون آيل انگن اکرن موجب گلشن حديد ۾ 14 ورهين جي نياڻي ثناء پاڻي ڀرڻ دوران کليل پاڻي جي لائين ۾ ڪري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ساڳئي علائقي مان ڇهين جماعت جي شاگردياڻي طيبہ جي مبينا اغوا جو واقعو پڻ پيش آيو، جنهن تي وارثن احتجاج ڪيو پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي۔ اهڙي طرح ملير سٽي مان 12 ورهين جي نياڻي ماهم جي لاپتا ٿيڻ جو واقعو پڻ سامهون آيو، جنهن شهري حلقن ۾ ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي۔ يوسف عارفاني ڳوٺ ۾ نياڻي سلما پتافي سان مبينا جنسي زيادتي جو واقعو رپورٽ ٿيو، جڏهن ته شاه لطيف ۾ ماسترياڻي سان زيادتي ۽ ڀٽائي آباد ملير ۾ هڪ گهر مان ٽن عورتن مينا، عائشہ ۽ دانيا جون ڇرين جا وار ٿيل لاشون هٿ اچڻ بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔علائقي واسين موجب پوليس ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير، جاچ ۾ سستي ۽ متاثر خاندانن سان غير سنجيده رويو عام بڻجي ويو آهي، جنهن سبب ڏوهاري عنصرن جا حوصلا بلند ٿي رهيا آهن۔ شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي واقعن ۾ پوليس آفيسرن جي عدم دلچسپي واضح نظر اچي ٿي۔ٻئي پاسي عورتن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل قانونن جهڙوڪ انسداد زيادتي قانون، زينب الرٽ ايڪٽ 2020، چائلڊ پروٽيڪشن قانون، گهريلو تشدد خلاف قانون ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جون لاڳاپيل دفعات هجڻ باوجود انهن تي مؤثر عملدرآمد نظر نٿو اچي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انهن قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته اهڙن واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي۔شهري حلقن اهو به چيو ته عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، انساني حقن جون اين جي اوز ۽ سياسي جماعتون اڪثر واقعن بعد رسمي بيانن تائين محدود رهنديون آهن، جڏهن ته متاثر خاندانن کي قانوني مدد ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم گهٽ نظر اچن ٿا۔علائقي واسين آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ، قانون جي عملداري مضبوط ڪرڻ ۽ عورتن ۽ نياڻين جي تحفظ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ته جيئن ضلع ملير ۾ وڌندڙ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا پاڪستان طاقتور مرڪز ٿي اڀري ٿو . ؟.! ؟
27th Mar 2026
•
صحت
طبی ماہرین کا بڑا کارنامہ، انسولین اب ماضی کی بات بن سکتی ہے!
27th Mar 2026
•
شوبز
دنیا کی توجہ ہٹی لیکن غزہ میں تباہی اور انسانی بحران ابھی جاری ہے: اینجلینا جولی
27th Mar 2026
•
تازہ ترین
امریکہ اور اسرائیل کی جاری جنگ میں اب تک 1900 ایرانی شہید: ہلال احمر
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي ملير ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جا مبينا اغوا، علائقي واسي خوف ۾ مبتلا
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مورو واسين جو نوشهروفيروز ۾ وياجين خلاف احتجاج
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد مان گم ٿيل طيبه جي امڙ اڌ رات جو پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي تي پهچي وئي
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ مصر جي واءِ واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ضلعي ملير ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جا مبينا اغوا
0 تبصرے