مورو ۾ سيپڪو بقاياجات جي وصولي، عوامي رليف ۽ ڪنڊا مافيا خلاف قدمن بابت اجلاس

مورو ۾ سيپڪو بقاياجات جي وصولي، عوامي رليف ۽ ڪنڊا مافيا خلاف قدمن بابت اجلاس

مورو )جاني جماڻي( سيپڪو بقاياجات جي وصولي، عوامي رليف ۽ ڪنڊا مافيا خلاف قدمن بابت اهم اجلاس ۽ پريس ڪانفرنس، مورو ڊويزنل آفيس ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر سکر (او ڊي) مشتاق احمد بڙدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سيپڪو جي انتظام هيٺ علائقن ۾ بجلي جي بقاياجات جي وصولي سان گڏ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سيپڪو واهپيدارن کي سهولتون ڏيڻ، بلن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ شڪايتن جي فوري ازالي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. مشتاق احمد برڙي وڌيڪ چيو ته اهي سمورا قدم سيپڪو چيف اعجاز احمد چنا جي خاص هدايتن تي کنيا پيا وڃن، جنهن آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ريڪوري بهتر بڻائڻ سان گڏ عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن واضح ڪيو ته نادھندگان (بل نه ڀريندڙن) خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته ڪنڊا مافيا خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي ته جيئن بجلي چوري جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي. هن جو چوڻ هو ته بجلي چوري ۽ بلن جي عدم ادائيگي سبب نظام متاثر ٿئي ٿو، ان ڪري اهڙن عنصرن خلاف "زيرو ٽالرنس" پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. چيف آپريٽنگ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته بجلي جي نون ڪنيڪشنن جي جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ۽ شفاف بڻايو پيو وڃي ته جيئن عوام کي وقت تي سهولت ملي سگهي ۽ غير قانوني ڪنيڪشنن جي حوصلي شڪني ٿئي. هن موقعي تي اي سي دادو مظفر کاوڙ، ايس اي عبدالستار چنا، آر او امين الدين خاصخيلي، ايس ڊي او نظير احمد پنهور، ايس ڊي او شيراز ميمڻ، شاهنواز ملاح، عبدالحميد گھانگھرو، امتياز عرف بابو ملاح ۽ شفقت علي قريشي پڻ موجود هئا، جن پنهنجي پنهنجي شعبن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته بجلي جي بنا تعطل فراهمي، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، عوامي رليف، نون ڪنيڪشنن ۾ شفافيت ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي عمل جاري رکيو ويندو.