English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ڀرسان واٽر بورڊ لائن ۾ پيءُ پٽ لڙهي ويا، ريسڪيو عملي کين بچائي ورتو
280 views
|
31st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نينگر رياض پاڻي جي اونهي لائن ۾ ڪِري پيو, کيس بچائڻ لاءِ سندس پيءُ صدام ڪلمتي به ٽپو ڏنو، ٻئي وهڪڙي ۾ لڙهي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر سيمينٽ فيڪٽري ڀرسان حنيف بلوچ ڪلمتي ڳوٺ ۾ واٽر بورڊ جي کليل پاڻي واري لائن ۾ ڪري پيل پيءُ ۽ پٽ کي ريسڪيو ٽيم ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد محفوظ طور ٻاهر ڪڍي ورتو. واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته ضلعي ۽ ٽائون انتظاميا جي غيرموجودگي تي علائقي واسين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.موقعي تي موجود سماجي اڳواڻ افضل جوکيو موجب حنيف بلوچ ڳوٺ جو رهواسي ننڍڙو رياض ڪلمتي وهنجڻ لاءِ گهگهر سيمينٽ ڪمپني ڀرسان واٽر بورڊ جي اونهي لائن ۾لٿون جتي اوچتو پير سلپ ٿيڻ سبب هو پاڻي ۾ ڪري پيو. پٽ کي ٻڏندي ڏسي پيءُ صدام ڪلمتي فوري طور کيس بچائڻ لاءِ لائن ۾ ٽپو ڏنو، پر پاڻي جي تيز وهڪري سبب هو به پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو ۽ ٻئي پيءُ پٽ پاڻي ۾ ٻڏي ويا.واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ موقعي تي گڏ ٿي ويا ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا شروع ڪئي وئي. بعد ۾ ريسڪيو اهلڪارن کي اطلاع ڏنو وئو ٽيم فوري طور پهچي سرچ آپريشن شروع ڪيو.ريسكيو اختيارين موجب لڳاتار ڪوششن کانپوءِ پيءُ ۽ پٽ رياض ۽ صدام ڪلمتي کي محفوظ طور ٻاهر ڪڍيو ويو، جن کي فوري طور ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. ٻنهي جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.علائقي واسين موجب واٽر بورڊ جي هي لائن کليل ۽ غير محفوظ حالت ۾ موجود آهي، جنهن سبب اڳ به اهڙن حادثن جو خدشو ظاهر ڪيو ويندو رهيو آهي. شهرين لاڳاپيل ادارن جي غفلت کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن وقت سر حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن ها ته اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش نه اچي ها.علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته واٽر بورڊ جي کليل ۽ خطرناڪ لائنن کي فوري طور محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن وڏي سانحي کان بچي سگهجي. واقعي دوران ضلعي ۽ ٽائون انتظاميا جي غير موجودگي تي پڻ علائقي واسين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهگهر ڀرسان واٽر بورڊ لائن ۾ پيءُ پٽ لڙهي
0 تبصرے