English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ پوليس پاران مئل جانور جو گوشت وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ ڄڻو سوگهو
181 views
|
31st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سپر هاءِ وي جي حدن اندر ڪارروائي ڪري ڪاشف علي پٽ مظفر علي کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي صحت لاءِ هاڃيڪار مئل جانور جو گوشت وڪرو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب ڪارروائي سپر هاءِ وي جي حدن اندر ڪئي وئي، جتي ڇاپا هڻي جوابدار کي سوگهو ڪيو ويو گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ ڪاشف علي ولد مظفر علي جي نالي سان ٿي آهي۔پوليس جوابدار جي قبضي مان مئل جانور جو گوشت هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته سپلائي ۾ استعمال ٿيندڙ سوزوڪي گاڏي کي پڻ تحويل ۾ ورتو ويو آهي۔ ابتدائي جاچ موجب جوابدار مئل جانور جو گوشت مختلف هوٽلن ۽ دڪانن تي وڪرو ڪندو هو، جنهن سبب شهرين جي صحت کي سخت خطرا لاحق هئا۔پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سندس نيٽ ورڪ بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔گڏاپ سٽي پوليس جوابدار خلاف مقدمو داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته شهرين جي صحت سان کيڏندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رهنديون۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ پوليس پاران مئل جانور جو گوشت وڪر
0 تبصرے