English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول پوليس جون انٽيليجينس بيس تي ڪاروائيون، 6منشيات فروش گرفتار
267 views
|
01st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لکين رپيا ماليت جي وسڪي شراب جون 454 پينٽون سپلائي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي: پوليس
سجاول(گلشيرميربحر)ضلع سجاول پوليس جون انٽيليجينس بيس تي ڪاروائيون. منشيات ۽ گھٽڪا فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون لکين رپيا ماليت جي وسڪي شراب جون 454 پينٽون سپلائي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي ڪرولا ڪار ۽ شراب پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي. 2 گھٽڪن جون بٺيون مسمار وڏي مقدار ۾ گھٽڪو مٽيريل هٿ ۽ بين ڪاروائين ۾ 20 ليٽر ديسي شراب ۽ 500 پڙيون گھٽڪو هٿ 6 ڏوهاري گرفتار ڪيس داخل. تفصيل موجب. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي گھٽڪو. منشيات فروشن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون جاري. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جي اسٽاف سميت پيٽرولنگ دوران خفیہ اطلاع ملي ته هڪ سلور ڪلر ڪرولا ڪار نمبر bau.173 وسڪي شراب سان ڀريل سجاول طرف اچي رهي آهي. پوليس سجاول بٺورو روڊ گرڊ اسٽيشن جي ويجھو ڪار کي روڪي تلاشي ورتي ته ان مان 454 پينٽون وسڪي شراب پوليس قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ هڪ ڏوهاري محمد علي ولد علي محمد شورو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هٿ ڪيل وسڪي لکين روپيا ماليت جي ٻڌائي پئي وڃي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايڇ او لاڏيون غلام مصطفي سولنگي اسٽاف سان گڏ مخفي اطلاع تي لاڏين ويجھو ٻن جدا جدا گھٽڪن جي ڀٺين تي ڪاروائيون. پوليس ڪاروائين ۾ 2 گھٽڪا ڀٺيون مسمار ڪري ڇڏيون 3000 گھٽڪا 20 ڪلوگرام کان وڌيڪ گھٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ 2 ڏوهاري منظور ملاح ۽ محمد جمن چوهاڻ گرفتار هڪ فرار ڪيس داخل ايس ايڇ او دڙو حاڪم علي کوسو جو گشت دوران اٻڙال چوڪ ويجھو گھٽڪا فروش ذولفقار علي مگسي جي 1000 پڙيون گھٽڪو ۽ هڪ موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي انچارج جاتي چوڪ شمس کاڙڪ جي گشت دوران جيلاني موري ويجھو 2 منشيات فروشن جاويد ۽ راجا چانڊيو کي 10/10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق منشيات ۽ گھٽڪا فروشن جي خلاف وڌيڪ ڪاروايون جاري آهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول پوليس جون انٽيليجينس بيس تي
0 تبصرے