English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: چشما ڳوٺ جو پرائمري اسڪول برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ
185 views
|
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
برساتي پاڻي اسڪول جي اڱڻ، ڪلاس رومز جي چوڌاري ۽ رستي تي به تلاءَ جي شڪل ۾ بيٺل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي ملير جي علائقي چشمہ ڳوٺ ۾ واقع گورنمينٽ پرائمري اسڪول واڳون ڏر تازين برساتن کانپوءِ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، جنهن سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي۔علائقي واسين موجب برسات کانپوءِ پاڻي جي نيڪالِ جو مناسب انتظام نه هجڻ سبب اسڪول جي اندر ۽ ڀرپاسي ۾ پاڻي بيهي ويو آهي۔ بيٺل بيهڻ سبب اسڪول جو اڱڻ ، ڪلاس رومز جي چوڌاري ۽ داخلا جو رستو مڪمل طور متاثر ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري ٻارن ۽ استادن کي اسڪول اچڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جي افزائش ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري شاگردن ۾ بيمارين پکڙجڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي۔ والدين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلڻ خطري کان خالي ناهي۔ علائقي واسين الزام لڳايو ته لاڳاپيل بلدياتي ادارن ۽ تعليم سان لاڳاپيل اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي۔ شهرين ۽ والدين ضلعي انتظاميا، تعليم کاتي ۽ بلدياتي ادارن کان فوري نوٽيس وٺڻ، گندو پاڻي نيڪالِ جو بندوبست ڪرڻ ۽ اسڪول کي جلد کان جلد پاڻي مان خالي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن تعليمي سرگرميون بحال ٿي سگهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: چشما ڳوٺ جو پرائمري اسڪول
0 تبصرے