English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي
119 views
|
05th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ يونٽ رزاق آباد طرفان مک چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ يونٽ رزاق آباد طرفان ضلعي آرگنائزر جنسار هيسباڻي، لال چند، لڇمڻ ۽ اقبال ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف رزاق آباد جي مک چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن تان گذرندي عوامي پريس ڪلب ملير پهتي جتي ڪارڪنن ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي۔ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تيل جي اگهن ۾ بار بار واڌ سبب مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي، جنهن ڪري غريب ۽ مزدور طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي۔ هنن چيو ته بجلي، گئس، کاڌي پيتي جون شيون ۽ روزمره استعمال جون سڀئي ضرورتون مهانگيون ٿيڻ سبب عوام جو گذر سفر مشڪل ٿي ويو آهي۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران مسلسل مهانگائي جا بم ڪيرائي رهي آهي، جنهن سان عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته تيل جي اگهن ۾ ڪيل واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي۔احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن مهانگائي تي ضابطو نه آندو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو۔آخر ۾ اڳواڻن اعلان ڪيو ته قومي عوامي تحريڪ عوامي مسئلن جي حل تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوشهروفيروز ڪيمپس ۾ ليڪچر پروگرام منعقد
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مائنر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو ڌرڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ
قومي عوامي تحريڪ يونٽ رزاق آباد
0 تبصرے