English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ڪورٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن خلاف قومي لائرس فورم جو احتجاج
173 views
|
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ايڊووڪيٽ مقصود سومرو، ايڊووڪيٽ ڪاشف خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سجاد لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اڄ قومي لائرس فورم طرفان ملير ڪورٽ ڪراچي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڪيل برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مهانگائي خلاف آواز اٿاريو.احتجاج جي اڳواڻي قومي لائرس فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ مقصود سومرو ڪئي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ ڪاشف خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سجاد لاشاري، شوڪت ڀنڊ، مهتاب سومرو، ذيشان گوپانگ، حماد ڀٽو گرديزي سميت ٻين وڪيلن پڻ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي.مظاهري دوران وڪيلن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا، جن تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف نعرا لکيل هئا. مظاهرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ فوري طور گهٽتائي آندي وڃي، ڇاڪاڻ ته وڌندڙ مهانگائي سبب عام ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ مقصود سومرو چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌي ويا آهن، جنهن سان گڏ روزمرهه استعمال جون شيون پڻ مهانگيون ٿي ويون آهن، جنهن جو سڌو بار عام عوام تي پئجي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ مزدور، پورهيت ۽ وچولي طبقي جي زندگي مشڪل بڻجي وئي آهي.ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ واپس نه ورتي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ڪورٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن خ
0 تبصرے