فياض عباسي نائين ۽ ڏهين جماعت جي جاري سالياني امتحانن جو جائزو ورتو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول گھارو جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن نائين ۽ ڏهين جماعت جي جاري سالياني امتحانن جو جائزو ورتو۔ هن مختلف ڪلاس رومز جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن کان سوال پڇي سندن تعليمي صلاحيتن جو جائزو ورتو۔هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته امتحانن دوران نقل جي روڪٿام هر صورت يقيني بڻائي وڃي ۽ شاگردن کي پرامن ۽ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجا پرچا بهتر نموني حل ڪري سگهن۔ هن وڌيڪ چيو ته شفاف ۽ منصفاڻو امتحاني نظام ئي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ ان موقعي تي اسڪول انتظاميه ڪمشنر کي بائونڊري وال، مرڪزي گيٽ ۽ ٻين درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي هن مسئلن جي جلد حل جي يقين دهاني ڪرائي۔ بعد ۾ ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي رورل هيلٿ سينٽر گھارو جو پڻ اوچتو دورو ڪيو، جتي هن صحت جي سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو۔ هن مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ زير علاج مريضن سان ملاقات ڪري مهيا ڪيل طبي سهولتن بابت پڇاڻو ڪيو، جڏهن ته مريضن ڪجهه سهولتن بابت شڪايتون پڻ پيش ڪيون۔ ڊويزنل ڪمشنر اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي بهتر طبي سهولتون مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ دوائن جي دستيابي هر حال ۾ ممڪن بڻائي وڃي۔ هن چيو ته عوام کي معياري طبي خدمتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي۔ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسر ۽ اسپتال عملو پڻ موجود هو، جن ڪمشنر کي اسپتال جي انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني۔
0 تبصرے