ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام

ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام

ملير (ڊ.ر) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني، خيرات، لنگر ۽ نياز جو اهتمام ڪيو ويو، مرحوم صحافين جي ايثال ثواب لاءِ خصوصي طور دعا ڪئي وئي خبر موجب ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر صدرالدين شيخ پاران پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي سمورن صحافين جي ايثال ثواب لاءِ هر جمعي تي نماز کان پوءِ پريس ڪلب ۾ قرآن خواني ۽ لنگر نياز جو اهتمام ڪيو ويو، ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر صدرالدين شيخ جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي مرحوم سينيئر صحافين سائين حمزو پنھور، محمود گھوٽو، ساقي شاهه، ارشاد کوسو، زاهد ڪلهوڙو، پير حامدالله سرهندي، ڊاڪٽر احمد حسين ھليو، اڪبر بلوچ سميت سموري ملڪ جي مرحوم صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ هر جمعي تي بعد نماز جمع قرآن خواني، خيرات ۽ لنگر جو بندوبست ڪيو ويو آهي جيڪو انشاء الله سڄو سال سلسلو جاري رهندو، صدر الدين شيخ پاران ساڃاهه وندن، سماجي اڳواڻن پريس ڪلب جي انتظاميا، عوام، صحافي برادري ۽ معزز شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هن نيڪ عمل ۾ شرڪت ڪري مرحوم صحافين جي ايثال ۽ سندن درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي وڃي۔