English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ رحمان بابا ٽرين جي انجڻ کي باهه
217 views
|
16th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي کان لاهور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ کي اوچتو باهه لڳڻ سبب مسافرن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته بروقت ڪارروائي سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو.ذريعن موجب رحمان بابا ٽرين جڏهن گھگھر فاٽڪ ڪراس ڪيو ته اوچتو انجڻ مان دونھون نڪرڻ شروع ٿيو، جنهن کانپوءِ ٿوري ئي دير ۾ انجڻ کي باهه لڳي وئي. باهه لڳڻ بعد ٽرين کي فوري طور روڪيو ويو ۽ مسافرن کي احتياط طور بوگين مان هيٺ لاهيو ويو.اکين ڏٺن شاهدن موجب باهه لڳڻ سان مسافرن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو،ڪيترائي مسافر بوگين مان نڪري کليل ميدان ڏانهن ڊوڙي ويا. ڪجهه دير لاءِ علائقي ۾ افراتفري واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ٽرين عملي فوري طور تي ايمرجنسي قدم کنيا. ريلوي ذريعن موجب باهه لڳڻ جو سبب انجڻ ۾ فني خرابي قرار ڏنو پيو وڃي. باهه سبب انجڻ کي سخت نقصان پهتو ۽ انجڻ جو وڏو حصو سڙي ويو، جڏهن ته ٽرين جي ٻين بوگين کي ڪو نقصان نه پهتو.واقعي جي اطلاع ملڻ بعد ريلوي عملي ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهتيون ۽ باهه تي ضابطو آندو ويو. اختيارين موجب واقعي ۾ ڪنهن به مسافر يا عملي کي جاني نقصان نه ٿيو، جيڪو هڪ وڏي حادثي کان بچاءُ قرار ڏنو پيو وڃي.ريلوي اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته متاثر ٽرين جي مسافرن کي متبادل انتظامن ذريعي سندن منزل ڏانهن روانو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.مسافرن ريلوي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽرينن جي فني حالت کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ رحمان بابا
0 تبصرے