English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ايجوڪيشن سٽي جي مسئلي تي اعليٰ سطحي اجلاس، مقامي مطالبا منظور
111 views
|
19th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ سنڌ حڪومت سميت ملير مان چونڊيل نمائندن جي شرڪت زمين، روزگار ۽ تعليمي حقن بابت خدشن تي غور
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايجوڪيشن سٽي بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ فريال ٽالپر، سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ملير، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سميت ملير سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ ايجوڪيشن سٽي منصوبي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ايم اين ايز، ايم پي ايز، لوڪل سروي ڪميٽي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ طئي ٿيل ايجنڊا جي توثيق ڪندي ان کي متفقه طور منظور ڪيو ويو۔اجلاس دوران سينڪشن ۽ اِن سينڪشن ڳوٺن جي حيثيت، گرين بيلٽ، مقامي هارين جي 30 سالن کان آباد زرعي زمين، رهائشي حقن، قبرستانن جي تحفظ سميت مقامي آبادي جا ڪيترائي مطالبا تسليم ڪيا ويا، جنهن کي شرڪت ڪندڙن علائقي واسين لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو۔ان موقعي تي عبدالحڪيم بلوچ، سليم بلوچ، راجا رزاق بلوچ ۽ امداد علي جوکيو سخت موقف اختيار ڪندي مقامي ماڻهن جي حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو۔ بعد ۾ عبدالحڪيم بلوچ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف شڪايت ڪندي چيو ته ايجوڪيشن سٽي ۾ مقامي ماڻهن جي ٻارن کي داخلا نه ڏني پئي وڃي۔ان تي فريال ٽالپر چيو ته ساجد جوکيو گذريل ڏهه سالن کان ايجوڪيشن سٽي بورڊ جو ميمبر آهي، جنهن تي اجلاس ۾ موجود شرڪت ڪندڙن حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ايتري عرصي باوجود نه مقامي ٻارن کي داخلا ملي آهي ۽ نه ئي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن۔ مقامي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايجوڪيشن سٽي منصوبي دوران مقامي ماڻهن کي زمينن، نوڪرين ۽ تعليمي موقعن کان محرومي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي۔ اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ ملير جا مقامي نمائندا عوامي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايجوڪيشن سٽي جي مسئلي تي
اجلاس ۾ سنڌ حڪومت سميت ملي
0 تبصرے