نوشهروفيروز ۾ ڪاروڪاري وارن وقعن خلاف احتجاجي مظاهرو

مهراڻ پبلڪ پارڪ کان جي ڊبليو سي جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز ۾ ڪاروڪاري وارن وقعن خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز (ڊ ر) جي ڊبليو سي پاران نوشهروفيروز ۾ سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم خلاف ۽ معصوم نياڻين خالده چانڊيو, شمائله چانڊيو جي بي رحماڻي قتل خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو احتجاج مهراڻ پبلڪ پارڪ کان جي ڊبليو سي جي آفيس تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي راڻا شير محمد, عبدالشڪور عباسي , فرحان ميمڻ, ماهنور شيخ ,شهناز رانجهاڻي ,ثناء الله چنڙ, وريل سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن م شاگردياڻين کي هراسمينٽ ڪري تعليم کسي ٿي وڃي جڏهن ته سنڌ م ذاتي مفادن خاطر سنڌ جي نياڻين کي ڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو غلط عمل آهي هنن چيو ته سنڌ م ڪاروڪاري واري ڪڌي رسم کي ختم ڪيو وڃي عورتن جو قتل بند ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته قتل ٿيل سنڌ جي نياڻين شمائلا چانڊيو ,خالده چانڊيوڪارو ڪاري جي ڪڌي عمل ۾ملوث جوبدارن کي گرفتار سخت سزا ڏني وڃي ۽ شاگردياڻي فهميده لغاري جي واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندا وڃن.