English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بدين جي قديمي ڳوٺ چيتن لال ڀيل کي ڊاهڻ خلاف ملير ۾ احتجاج
51 views
|
20th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ چيتن لال ڀيل بدين جو هڪ قديم ڳوٺ آهي، جتي ورهين کان آباد آهيون: ڳوٺاڻا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بدين ضلعي جي قديم ڳوٺ چيتن لال ڀيل کي ڊاهڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن رزاق مک چوک کان احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو هنيو احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ھيرداس ڀيل، اشوڪ ڪمار، درشن لال، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ فيض سنڌي، جدوجهد ڪميٽي جو اڳواڻ اقبال ڪلمتي ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا.مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪيو، چيتن لال ڀيل جي ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪيو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ چيتن لال ڀيل بدين جو هڪ قديم ڳوٺ آهي، جتي هو ڪيترن ئي سالن کان آباد آهن، پر بااثر معشوق نھڙيو ۽ ٻيا زبردستي قبضو ڪري سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته عورتون، ٻار ۽ بزرگ کليل آسمان هيٺ بي يار و مددگار ويٺا آهن، جڏهن ته سندن مال متاع به تباهه ڪيو ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته هن عمل سان نه رڳو سندن اجھا کسيا ويا آهن پر سندن روزگار ۽ زندگي به خطري ۾ پئجي وئي آهي.مظاهرين الزام لڳايو ته مقامي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارا شڪايتن باوجود ڪو به اثرائتو قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، جنهن ڪري ڄاڻايل بااثرن مارو ماڻھن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي ڳوٺ چيتن لال ڀيل تي ٿيل قبضي کي ختم ڪرايو وڃي، متاثر ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڊاهيل گهرن جو ازالو ڪيو وڃي ۽ ملوث بااثر ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوشهروفيروز ڪيمپس ۾ ليڪچر پروگرام منعقد
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مائنر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو ڌرڻو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا ڀرسان حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بدين جي قديمي ڳوٺ چيتن لال ڀيل
ڳوٺ چيتن لال ڀيل بدين جو هڪ قديم ڳوٺ
0 تبصرے